Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
وقت آساني سان ڏئي سگهي ٿو، دارُ السُّنَّة تي اچي ۽ علمِ دين سکڻ جي سعادت حاصل ڪري * مدني چينل: هڪ برقي (Electric) مبلغ آهي، جيڪو الله پاڪ جي فضل سان گهر گهر پهچي علمِ دين جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مدني چينل تي ڪا مشهوري (Advertisement) ناهي ايندي، ساز جهنڪار ۽ ميوزڪ کان بلڪل پاڪ آهي، 24 ڪلاڪن ۾ جڏهن به توهان کي موقعو ملي، مدني چينل آن ڪيو ۽ علمِ دين جي موتين سان جهولي ڀرڻ شروع ڪري ڏيو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! مدني چينل دعوتِ اسلامي جو اهو ممتاز ۽ بي مثال ڪارنامو آهي، جنهن معاشري ۾ هزارين ماڻهن جي زندگين کي بدلائي ڇڏيو آهي، مدني چينل گهر ويٺي علمِ دين سيکاري ٿو ۽ گهرن کي امن جو گهوارو بڻائيندو آهي * سوشل ميڊيا: ڪمپيوٽر جي هن دور ۾ ٽيڪنالاجي عروج تي آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به علمِ دين عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، فيس بڪ (Facebook)، انسٽا گرام (Instagram)، واٽس اپ (Whats App)، ٽوئيٽر (Twitter) ۽ يوٽيوب (Youtube) وغيره تي دعوتِ اسلامي جا مختلف پيجز (Pages) بڻيل آهن، ويب سائيٽس (Websites) به آهن، جن جي ذريعي قرآن و سنت جو پيغام عام ڪيو پيو وڃي، دعوتِ اسلامي جو I.T ڊپارٽمينٽ مختلف ايپلي ڪيشنز بڻائي ٿو، مثلاً تفسير صراط الجنان موبائل ايپلي ڪيشن: هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي قرآن پاڪ ترجمي و تفسير سان گڏ پڙهي نورِ قرآن سان سينو روشن ڪري سگهون ٿا، اهڙي طرح بهارِ شريعت موبائل ايپلي ڪيشن: جنهن جي ذريعي ديني مسائل پڙهي ۽ سکي سگهجن ٿا، اهڙيون ئي ڪيتريون ئي ايپلي ڪيشنز آهن.
اللہ کی نعمت ہے یہ دعوتِ اسلامی آقا کی عنایت ہے یہ دعوتِ اسلامی
اسلام کی تعلیمات اور دین کے احکامات سِکھلاتی شریعت ہے یہ دعوتِ اسلامی
سرکار کی دُکھیاری اُمّت کی ہے خیر اَندیش اور خادمِ مِلّت ہے یہ دعوتِ اسلامی([1])