Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
عاشقانِ رسول جي سوالن جا جواب عطا فرمائيندا آهن)، الله پاڪ جي فضل سان مدني مذاڪرو شريعت و طريقت، ظاهري علم ۽ باطني علم سکڻ جو بهترين ذريعو آهي * 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: درس. عاشقانِ رسول مسجدن ۾ درس ڏيندا آهن، ان سان به علمِ دين عام ٿيندو آهي، اهڙي طرح گهٽين، بازارن، اسڪول، ڪاليج وغيره ۾ چوڪ درس به ٿيندو آهي، اهي ماڻهو جيڪي مسجد جي حاضري کان محروم رهندا آهن يا ڪنهن سبب جي ڪري مسجد ۾ درس ٻڌڻ کان محروم رهندا آهن، چوڪ درس جي برڪت سان انهن تائين به علمِ دين پهچندو آهي * 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: تفسير ٻڌڻ، ٻڌائڻ جو حلقو، عاشقانِ رسول نمازِ فجر کانپوءِ مسجدن ۾ حلقو لڳائيندا آهن، ان ۾ تفسير صراطُ الجنان مان 2 صفحا ترجمي ۽ تفسير سان گڏ پڙهڻ ٻڌڻ جي ترڪيب هوندي آهي، درس به ٿيندو آهي ۽ اوراد و وظائف به پڙهيا ويندا آهن * قافلو: علمِ دين سکڻ، ٻين تائين پهچائڻ ۽ پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جي ڪوشش جو بهترين ذريعو آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دنيا ڀر ۾ لکين عاشقانِ رسول 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، 1 مهينو ۽ 12 مهينن جي قافلن ۾ سفر ڪندا رهندا آهن، هي خوش نصيب خود به علمِ دين سکندا آهن ۽ ٻين تائين به پهچائيندا آهن * هفتيوار رسالو مطالعو: شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر هفتي دنيا ڀر جي عاشقانِ رسول کي هڪ رسالو پڙهڻ جو هدف ڏيندا آهن. مختصر ۽ تمام معلوماتي رسالو هوندو آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دنيا ڀر جا لکين عاشقانِ رسول هي رسالو پڙهڻ يا آڊيو (Audio) ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن * اهڙي طرح دعوتِ اسلامي جو خاص علمي و تحقيقي شعبو آهي: المدينةُ العلميه (اسلامڪ ريسرچ سينٽر). هن شعبي ۾ مدني علماءِ ڪرام نئين نئين موضوعن تي ديني ڪتابَ ۽ رسالا لکندا آهن * اهڙي طرح دعوتِ اسلامي جو هڪ شعبو آهي: دارُ السُّنَّه: ملڪ ۽ پرڏيهه جي مختلف شهرن ۾ هي شعبو قائم آهي، هن شعبي جي خاص ڳالهه هي آهي ته ان ۾ وقت جي ڪا قيد ناهي، جيڪو جيترو