Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
لٽڻ جون سعادتون حاصل ٿيڻ لڳيون. ايئن علمِ دين جي برڪت سان هڪ بگڙيل شخص سڌري نيڪ نمازي بڻجي ويو.
دعوتِ اسلامی کی قیُّوم اِک اِک گھر میں مچ جائے دھوم
اس پہ فدا ہو بچہ بچہ یااللہ! میری جھولی بھر دے
پيارا اسلامي ڀائرو! هي علمِ دين جون برڪتون آهن، اسان کي به گهرجي ته علمِ دين سکڻ وارا بڻجي وڃون. حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام وڏا عالمِ دين ۽ وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: علم سکو! مون کي خوف آهي ته هي علم توهان کان نڪري غيرن وٽ هليو ويو (ته توهان ذليل ٿي ويندا.) علم سکو! جو هي دنيا ۽ آخرت جي عزت آهي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْهِ جو فرمان ڪيترو سچو آهي، پاڻ اڄ کان تقريباً ساڍا 13 سو سال پهريان فرمايو هو ته علم دنيا ۽ آخرت جي عزت جو ذريعو آهي، جيڪڏهن هي علم توهان کان نڪري غيرن وٽ هليو ويو ته توهان ذليل ٿي ويندا.
اڄ مسلمانن جي حالت کي ڏسو: علمِ دين کان دوري جي سبب ڪيتري ذلت ۽ رسوائي کڻڻي پئجي رهي آهي، جيستائين علمِ دين جو دور دورو هو، سڀني کي پنهنجي ذميدارين جو احساس هو ۽ سڀ دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي لاءِ ڪوششن ۾ مصروف رهندا هئا. جڏهن کان مسلمان علمِ دين کان دور ٿيا آهن، آهستي آهستي سمورن شعبن ۾ غفلت جي لپيٽ ۾ ايندا ويا ۽ آخر ان ذلت جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کي هر هڪ اڄ پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهي.
ان جو علاج يعني ٻيهر عزت بحال ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي، اسان ٻيهر علمِ دين سکون، پنهنجن ٻارن کي علمِ دين سيکاريون، علمِ دين جي