Book Name:Hazrat Adam عَلَیْهِ السَّلَام Ka Ilm Ki Wusat
هن آيتِ ڪريمه جي تفسير ۾ علامه نسفي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: هتي الله پاڪ جهالت جون 2 قِسمون ارشاد فرمايون آهن: (1): هڪ جهالت هي آهي ته ٻانهو ڪجهه سڃاڻي ئي نه، جيئن اسان وٽ تمام گهڻا ماڻهو بلڪل اڻ پڙهيل هوندا آهن، انهن کي پنهنجو نالو به لکڻ ناهي ايندو آهي (2): جهالت جي ٻي قِسم هي آهي:
یَعْلَمُوْنَ ظَاهِرًا مِّنَ الْحَیٰوةِ الدُّنْیَا ۚۖ-وَ هُمْ عَنِ الْاٰخِرَةِ هُمْ غٰفِلُوْنَ(۷)
يعني اهو شخص جيڪو ظاهر دنياوي معلومات ته تمام گهڻي رکي ٿو پر آخرت کان بلڪل غافل آهي، ان کي جيتوڻيڪ اڻ پڙهيل نه به چيو ويندو هجي، البت اهو به جاهل آهي. ([1])
هاڻي ڏسو! جيترا دنياوي علوم آهن، اهي اسان کي صرف ظاهري دنيا جو حال ٻڌائيندا آهن، مثلاً *رياضي ۾ اسان کي ڪيلڪوليشن سيکاري ويندي آهي * فزڪس (يعني طبيعيات) ماده (Matter) بابت معلومات ڏيندو آهي، مثلاً ڪو جسم حرڪت ڪيئن ڪندو آهي، رڪجندو ڪيئن آهي؟ ان جون خصوصيات ڇا آهن؟ وغيره *اهڙي طرح بائيولوجي آهي، ان ۾ جاندارن بابت معلومات هوندي آهي * ارضيات، فلڪيات، بينڪنگ، انجنيئرنگ وغيره وغيره جيترا علوم آهن، انهن سڀني ۾ ظاهري دنيا جي معلومات آهي. آخرت جي معلومات: مثلاً *الله پاڪ جي سڃاڻپ *رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان *جنت و دوزخ *قيامت جي معلومات * آخرت ۾ ڪهڙي شيءِ نقصان ڏيندڙ آهي *ڪهڙي شيءِ نفعو ڏيندي *آخرت ۾ نجات جو دار و مدار ڪهڙي ڳالهه تي آهي؟ * ايمان ڇا آهي؟ *نيڪي ڇا کي چئبو آهي؟ * باطني بيماريون ڇا آهن؟ * انهن جا علاج ڇا آهن؟ وغيره وغيره هي سڀ معلومات اسان کي ڪٿان ملندي آهي؟ قرآنِ