Jammat Se Namaz Parhna

Book Name:Jammat Se Namaz Parhna

نماز ئي قضا ٿي ويندي آهي.) * جيڪو تڪبير (يعني اقامت) ٻڌي جماعت لاءِ حاضر نه ٿئي، حديث پاڪ ۾ ان کي بدبخت، نامراد، ظالم، اَظلم (تمام وڏو ظالم) ۽ منافق فرمايو ويو آهي. ([1])* اڪيلو نماز پڙهڻ وارو، باجماعت نماز پڙهڻ واري جو درجو حاصل ناهي ڪري سگهندو ڀلي کڻي هڪ نماز کي 27 ڀيرا ئي ڇو نه پڙهي وٺي.

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان نيڪ عمل نمبر:2 جماعت سان نماز پڙهڻ جي عنوان تي تمام مفيد معلومات حاصل ڪئي، اچو! نيت ڪيون ٿا: هن نيڪ عمل کي اپنائيندي، پنجئي نمازون جماعت سان ادا ڪنداسين، ته اڄ ئي مڪتبة المدينه تان * نيڪ اعمال جو رسالو حاصل ڪريو يا موبائل ۾ * Naik Amal ايپلي ڪيشن انسٽال ڪري وٺو ۽ روزانو پنهنجو جائزو وٺندي ان جا خانا پُر ڪرڻ جي نيت ڪريو.

نوٽ: نمازِ باجماعت جي فضيلتن ۽ ان بابت تفصيلي اَحڪام ڄاڻڻ لاءِ شيخِ طريقت اميرِ اهل سنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جي ڪتاب * فيضانِ نماز صفحو 137 کان 230 ۽ * بهارِ شريعت جلد اول، صفحو 574 کان 594 پڙهو.

سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

سمهڻ وقت  جي دعا:

اَللّٰہُمَّ بِاسْمِكَ اَمُوْتُ وَاَحْیَا

ترجمو: اي الله! مان تنهنجي نالي سان مران ٿو ۽ جيئان ٿو(يعني سمهان ۽ جاڳان ٿو. ([2])

اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)

روزانو 56 نيڪ اعمال:


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ،جلد:7،صفحہ:102ملتقطاً۔

[2]...بخارى، كتاب الدعوات، صفحہ:1560، حديث:6314، ومدنی پنج سورہ، صفحہ:203۔