Book Name:Jammat Se Namaz Parhna
منهنجي والده جو انتقال ٿيو ته ان وقت گهر ۾ ٻيو ڪو مرد نه هو پر الحمد لله! ماءُ جي ميت گهر ڇڏي مسجد ۾ نماز پڙهائڻ جي سعادت ملي. ([1])
جماعت کی مولیٰ عنایت ہو اُلْفت کرم ہوپئے مصطفےٰ جانِ رحمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم
نماز باجماعت پڙهڻ جا فائدا ۽ ثواب
* الله پاڪ جماعت سان نماز پڙهڻ وارن کي محبوب رکندو آهي (يعني پسند فرمائي ٿو) آهي * جماعت سان نماز اڪيلي پڙهڻ کان 27 درجا افضل آهي * الله پاڪ ۽ ان جا فرشتا جماعت سان نماز پڙهڻ وارن تي درود موڪليندا آهن * جماعت سان نماز پڙهڻ وارو پل صراط تان بجليءَ جيان گذرندو * جماعت سان نماز پڙهڻ وارن جي شان ۽ شوڪت ڏسي اهل محشر رشڪ ڪندا * مسجد ڏانهن ويندڙ جي هر قدم تي هڪ درجو بلند ٿيندو آهي ۽ * هڪ گناهه مٽائي ڇڏيو ويندو آهي * الله ڪريم ان لاءِ صبح ۽ شام جنت ۾ مهماني جو انتظام فرمائيندو ([2]) * جيڪڏهن جماعت ۾ هڪ جي نماز قبول ٿي وئي ته سڀني جي قبول آهي. ([3]) جماعت سان نماز پڙهڻ ۾ دنياوي فائدا: * جماعت جي برڪت سان قوم ۾ نظم و ضبط رهندو آهي * جماعت سان پاڻ ۾ اتفاق وڌندو آهي * قوم ۾ وقت جي پابندي جي عادت پوندي آهي جو سڀ ماڻهو ٺيڪ جماعت جي وقت تي پهچندا آهن.
جماعت سان نماز نه پڙهڻ جا نقصان
* شرعي مجبوريءَ کان سواءِ هڪ ڀيرو به جماعت ڇڏڻ وارو گنهگار آهي. * جماعت ڇڏڻ تي شيطان غالب ايندو آهي ۽ ان تي پنهنجو قبضو ڪري وٺندو آهي (تجربي سان معلوم آهي ته جماعت نڪري وڃڻ جي صورت ۾ ڪجهه ماڻهو ٽال مٽول ڪرڻ لڳندا آهن، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته معاذ الله! ڪڏهن سندن