Jammat Se Namaz Parhna

Book Name:Jammat Se Namaz Parhna

پنهنجي ڏاڙهي پڪڙي روئندا هئا. ([1]) * حضرت محمد بن سماعه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي 40 سالن ۾ فقط هڪ ڀيرو تڪبيرِ اُوليٰ فوت ٿي. ([2]) * تابعي بزرگ حضرت سعيد بن مسيب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي 40 سالن ۾ هڪ به جماعت فوت نه ٿي. ([3]) * حضرت اَعمش رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي 70 سالن ۾ ڪڏهن به تڪبيرِ اُوليٰ فوت نه ٿي. * حضرت يحيٰ بن سعيد قطان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي جماعت جي ڳولها ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو (يعني سندن جماعت فوت ٿيندي ئي نه هئي). * حضرت سويد بن غفله رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عمر 126 سال هئي پر  پاڻ جماعت سان نماز پڙهڻ لاءِ مسجد تشريف کڻي ويندا هئا. ([4]) * اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ننڍپڻ کان ئي نمازِ باجماعت جا پابند هئا، هڪ ڀيرو پير جو آڱوٺو ناسُور ٿي پيو، ڊاڪٽر هلڻ ۽ مسجد وڃڻ کان منع ڪيو، ان جي باوجود پاڻ   رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نماز باجماعت ئي پڙهندا رهيا، چار ماڻهو ڪرسي تي ويهاري کين مسجد کڻي ويندا هئا. ([5])

*بهارِ شريعت جا مصنف مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نمازِ باجماعت جا سختي سان پابند هئا، جيڪڏهن ڪنهن وقت مؤذن وقت تي نه پهچندو هو ته اذان به پاڻ ڏيندا هئا. ([6])

 * مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي 40، 50 سالن تائين مسلسل تڪبيرِ اُوليٰ به فوت نه ٿي. ([7])

 * اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  فرمائين ٿا: جماعت ترڪ ڪرڻ منهنجي لغت ۾ ئي نه آهي، ايستائين جو جڏهن


 



[1]...تاريخ ابن عساكر، رقم:2514،سعيد بن عبد العزيز...الخ،جلد:21صفحہ:203 ۔

[2]...فیضانِ نماز،صفحہ:143ملخصاً۔

[3]...فیضانِ نماز،صفحہ:496۔

[4]...فیضانِ نماز،صفحہ:502ـ 504،ملتقطًا۔

[5]...فیضانِ نماز، صفحہ:553،ملخصاً ۔

[6]...تذکرہ صدر الافاضل، صفحہ:31 ۔

[7]...فیضانِ مفتی احمد یار خان نعیمی، صفحہ:29، بتغیر قلیل ۔