Book Name:Jammat Se Namaz Parhna
جماعت سان نماز پڙهڻ جي مُتعلق احڪام
(1) پنج وقتن جي نماز مسجد ۾ جماعت سان ادا ڪرڻ واجب آهي. ([1])
(2) مُدرڪ يعني پوري جماعت ماڻڻ وارو اهو آهي جيڪو تمام رڪعتون امام سان گڏ ادا ڪري. ([2])
(3) جيڪو امام سان گڏ تشهد ۾ شامل ٿيو، ان کي جماعت ته نه ملي البتہ جماعت جو ثواب ملندو. پر ان کي ايترو ثواب نه ملندو جيترو پوري جماعت ماڻڻ واري کي ملندو آهي. ([3])
(4) جيڪڏهن امام سان گڏ اهلِ محلي جي جماعت ٿي وئي ۽ ڪجهه ماڻهو رهجي ويا ته اذان چوڻ کان سواءِ، محراب کان هٽي ٻي جماعت ڪرائي سگهن ٿا. ([4])
تنهنڪري جن کي پهرين جماعت نه ملي سگهي، جيڪڏهن جماعت قائم ڪري سگهن ته جماعت ترڪ نه ڪن. ([5]) (5) ان اعتماد تي ته اسين پنهنجي جماعت ٻيهر ڪري وٺنداسين، شرعي مجبوريءَ کان سواءِ پهرين جماعت ڄاڻي واڻي ترڪ ڪرڻ گناهه آهي. اهڙي جاءِ تي جماعتِ ثاني يعني ٻي جماعت هرگز قائم نه ڪئي وڃي جتي فتني ۽ نفرت جي فضا قائم ٿيندي هجي مثلاً: امام صاحب يا ٻيا نمازي اهو سمجهندي اعتراض ڪندا هجن ته ڄاڻي واڻي جماعتِ ثانيہ (ٻي جماعت) قائم ڪئي پئي وڃي. ([6])
باجماعت نماز سان نيڪ ٻانهن جي محبت
* حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي (شرعي مجبوريءَ سبب) ڪڏهن جماعت نڪري ويندي هئي ته پوئين نماز تائين نفل پڙهندا رهندا هئا. ([7])
* حضرت سعيد بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي جماعت نڪري ويندي هئي ته
[1]...فتاوی رضویہ،جلد:7،صفحہ:194۔
[2]...بحر الرائق، كتاب الصلاة، باب الامامۃ ،جلد:1،صفحہ:623 ۔
[3]...بہارِ شریعت جلد:1،صفحہ:698،ملخصاً ۔
[4]...فتاوی اہلسنت ،فتوی نمبر: WAT-1604۔
[5]...فتاوی رضویہ،جلد:7،صفحہ:199بتغیرقلیل۔
[6]...فیضان نماز، صفحہ:173۔
[7]...الاصابۃ، رقم :4883، عبد الله بن عمر،جلد:4صفحہ:151 ۔