Book Name:Jammat Se Namaz Parhna
جماعتِ ثانيَه (ٻي جماعت) آهي.
الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ ارْكَعُوْا مَعَ الرّٰكِعِیْنَ(۴۳) (سيپارو؛ 1، البقره، 43)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ رڪوع ڪرڻ وارن سان رُڪوع ڪيو.
مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تفسير نعيمي ۾ هن آيت جي تحت فرمائن ٿا: يعني نماز پنهنجن گهرن ۾ اڪيلي ئي ادا نه ڪندا ڪريو بلڪه پنج وقتي جماعت ۾ شامل ٿي نمازين سان گڏ ادا ڪندا ڪريو ته جيئن توهان کي دين جون برڪتون ۽ انوار حاصل ٿين. ([1])
پنج نمازن کي جماعت سان ادا ڪرڻ جي فضيلت
سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن فجر جي نماز باجماعت پڙهي، پوءِ ويهي الله پاڪ جو ذِڪر ڪندو رهيو، ايتري قدر جو سج نڪري آيو، ان لاءِ جنت الفردوس ۾ 70 درجا هوندا، هر 2 درجن جي وچ ۾ ايترو فاصلو هوندو جيترو هڪ سڌريل (Trained) تيز رفتار عمده نسل جو گهوڙو 70 سالن ۾ طَي ڪندو آهي ۽ جنهن ظهر جي نماز باجماعت پڙهي ان لاءِ جنتِ عدن ۾ 50 درجا هوندا، هر 2 درجن جي وچ ۾ ايترو فاصلو هوندو جيترو هڪ سڌريل (Trained) تيز رفتار عمده نسل جو گهوڙو 50 سالن ۾ طَي ڪندو آهي ۽ جنهن عصر جي نماز باجماعت پڙهي ان لاءِ اولادِ اسماعيل مان اهڙا 8 غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب هوندو جيڪي بيت الله (يعني ڪعبه شريف) جي سار سنڀال ڪرڻ وارا هوندا ۽ جنهن مغرب جي نماز باجماعت پڙهي ان لاءِ حجِ مبرور (يعني قبول ٿيل حج) ۽ قبول ٿيل عمري جو ثواب هوندو ۽ جنهن عشا جي نماز باجماعت پڙهي ان لاءِ ليلة القدر ۾ قيام (يعني عبادت) ڪرڻ جي برابر ثواب هوندو. ([2])