Jammat Se Namaz Parhna

Book Name:Jammat Se Namaz Parhna

سکڻ  ۽  سيکارڻ جي حلقن جو  جدول

(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ

اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾  72 نيڪ اعمال   مان هڪ نيڪ عمل جماعت کان نماز پڙهڻ جي متعلق معلومات ڏني ويندي ۽ سمهڻ وقت  جي دعا  ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!

دُرُود شريف جي فضيلت

آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                               صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

جماعت سان نماز پڙهڻ

نيڪ عمل نمبر 2: ڇا اَڄ توهان پنج ئي نمازون جماعت سان ادا ڪيون؟ ([2])

جماعت سان نماز پڙهڻ جو مطلب

امام جي اقتدا يعني پيرويءَ ۾ نماز ادا ڪرڻ کي جماعت سان نماز پڙهڻ چئبو آهي.

  وضاحت: جماعت 2 قسم جي آهي: (1): جماعتِ اُوليٰ: محلي جي مسجد، جنهن لاءِ امام مقرر آهي، اُتي امام اذان ۽ اقامت سان سنت طريقي موجب جيڪا جماعت ڪرائي، اُها جماعتِ اُوليٰ (پهرين جماعت) آهي. ([3]) (2): جماعتِ ثانيَه: جماعتِ اُوليٰ (پهرين جماعت) ٿيڻ کان پوءِ جيڪا جماعت ڪرائي وڃي، اُها


 

 



[1]... مصنف عبد الرزاق، كتاب الطھارۃ، باب ما يذهب الوضوء من الخطايا،جلد: 1،صفحہ:40،حديث:153۔

[2]... 72 نیک اعمال ،صفحہ:1۔

[3]... بہار شریعت،جلد:1،صفحہ: 697 ملخصًا ۔