Book Name:Kanon Ko Gunahon Se Bachana
کان ڊڄڻ وارن اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪريو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيم! گناهن کان بچاءُ ۽ نيڪين جو شوق نصيب ٿيندو. * ڪنن کي گناهن ۾ مشغول ڪرڻ جي نقصانن تي غور ڪندا رهو. *سوشل ميڊيا، فيس بوڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام وغيره تي اسلامي ڳالهيون مثلاً بيان، نعت يا ٻيون ديني وڊيوز ڏسڻ، ٻڌڻ دوران جيڪڏهن گناهن سان ڀريل ايڊ اچي وئي ته آواز بند ڪري ڇڏيو ۽ موبائيل تان نظرون هٽائي ايتري دير درود شريف پڙهو. *انهن ماڻهن جا اسٽيٽس نه ڏسو جيڪي پنهنجي اسٽيٽس تي گانا باجا يا ميوزڪ وغيره لڳائيندا آهن. * ڪنهن کي ڪال ڪئي، ان تي ميوزيڪل ٽون (Musical tunes) لڳل آهي ته موبائيل ڪن کان هٽائي ڇڏيو. * اڄڪلهه اڪثر ڪري بس وغيره ۾ گانا وڄي رهيا هوندا آهن، پهريائين ته حڪمت عمليءَ سان منع ڪريو! جيڪڏهن نه روڪين ته هينڊ فري وغيره جي ذريعي موبائيل ۾ تلاوت ۽ نعت ٻڌو! جيڪڏهن اهو به نه ٿي سگهي ته ان طرف بلڪل توجهه نه ڏيو ۽ دل ۾ برو سمجهو.
سکڻ ۽ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا
غيبت کان بچڻ جي دعا:
بِسْمِ اللّٰہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ وَصَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّدٍ
نبي ڪريم صَلَّي اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جن فرمايو ته: مجلس ۾ ويهندي ۽ اٿندي هي پڙهي وٺو ..! ان جي برڪت سان الله پاڪ هڪ فرشتو مقرر فرمائيندو جيڪو اوهان کي ٻين جي ۽ ٻين کي اوهان جي غيبت کان روڪيندو. [1]
اجتماعي جائزي جو طريقو (72 نيڪ اعمال)