Kanon Ko Gunahon Se Bachana

Book Name:Kanon Ko Gunahon Se Bachana

(2): ڪفريه اشعار وارا گانا ٻڌڻ انتهائي حرام بلڪه ڪفر طرف وٺي وڃڻ وارو آهي. ڪفريه اشعار کي پسند ڪرڻ، ان تي راضي ٿيڻ ڪفر آهي [1](3): بغير ارادي جي گانن جو آواز اچي ته لازم آهي ته ان طرف توجهه نه ڪري، ممڪن هجي ته اتان هٽي وڃي[2] (4):سالگره، شادي وغيره جون اهڙيون دعوتون جن بابت معلوم هجي ته اتي گناهن سان ڀريور معمولات هوندا ۽ اهي منع ڪرڻ سان به باز نه ايندا ته اهڙين دعوتن ۾ شرڪت ڪرڻ ناجائز ۽ گناهه آهي، مجبوراً اهڙي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻي پئجي وڃي ته گناهه واري جاءِ کان پري ويهي رهو. [3]

ناجائز ٻڌڻ جون وعيدون ۽ نقصان

* ناجائز ٻڌڻ دل کي ڪارو ڪري ٿو ۽ دوزخ جو حقدار بڻائي ٿو * ناجائز ٻڌڻ شرم ۽ حيا ۾ گهٽتائي آڻي ٿو، خراب خيال پيدا ڪري ٿو ۽ گناهن جي رغبت وڌائي ٿو * ناجائز ٻڌڻ دل ۾ نفاق پيدا ڪري ٿو * ناجائز ٻڌڻ ڊپريشن جو مرض پيدا ڪري ٿو * ناجائز ٻڌڻ عقل گهٽائي ڇڏي ٿو * ناجائز ٻڌڻ دل ۾ بدگمانيون پيدا ڪري ٿو * ناجائز ٻڌڻ نفرت پيدا ڪري ٿو ۽ وڙهن جهيڙن جو سبب بڻجي ٿو * ناجائز ٻڌڻ گهرن جو سڪون برباد ڪري ٿو * گانا ٻڌڻ جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته گانن ۾ ڪفريا لفظ به هوندا آهن. اهڙا شعر ٻڌي، پسند ڪرڻ ۽ انهن تي راضي ٿيڻ سان انسان اسلام جي دائري مان خارج ٿي وڃي ٿو.

ناجائز ٻڌڻ کان بچڻ جي لاءِ

*   ڳائڻ  وڄائڻ جي شوقينن ۽ آوارا ماڻهن جي صحبت کان پري رهو! الله


 

 



[1] فتاوی شارح بخاری ،جلد:1،صفحہ:258،بتغیر قلیل ۔

[2]  الحدیقۃ الندیہ ،جلد:4،صفحہ:393۔

[3]  فتاوی رضویہ ،جلد:21،صفحہ:609 ـ611،ملخصًا۔