Kanon Ko Gunahon Se Bachana

Book Name:Kanon Ko Gunahon Se Bachana

ميوزيڪل ٽيون، ڪالرٽيون وغيره وغيره.

الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ السَّمْعَ وَ الْبَصَرَ وَ الْفُؤَادَ كُلُّ اُولٰٓىٕكَ كَانَ عَنْهُ مَسْـٴُـوْلًا (۳۶)(سيپارو؛ 15، بني اسرائيل: 36)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ ڪن ۽ اک ۽ دل سان انهن سڀني جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو.

معلوم ٿيو ته ڪن، اک ۽ دل انهن سڀني بابت قيامت جي ڏينهن حساب ورتو ويندو. مثال طور: ڪن کي قرآن ۽ حديث، علم ۽ حڪمت، وعظ ۽ نصيحت وغيره نيڪ ڳالهيون ٻڌڻ ۾ استعمال ڪيو ويو يا غيبت ٻڌڻ، لغو ۽ بيڪار ڳالهيون ٻڌڻ، گانا، باجا ۽ فحش ٻڌڻ ۾ لڳايو ويو؟ ([1])   

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو:  مون هڪ خواب ڏٺو ۽ اِها حقيقت آهي، مون کي هڪ جبل تي وٺي ويا، اُتي مون ڪجهه اهڙا ماڻهو ڏٺا جن جون اکيون ۽ ڪن ڪلين سان ٺوڪيل هئا، ٻڌايو ويو ته: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اهو ڏسندا آهن جيڪو کين نه ڏسڻ گهرجي ۽ هي اهو ٻڌندا آهن جيڪو کين نه ٻڌڻ گهرجي.(يعني ناجائز ڏسندا ۽ ٻڌندا آهن).[2]

 

ناجائز ٻڌڻ جي مُتعلق احڪام

(1): گناهن ڀريون ڳالهيون ٻڌڻ گناهه آهي. نوٽ: جتي گانا، غيبت، چغلي ۽ فحش گوئي جهڙا گناهه ٿي رهيا هجن، جيڪڏهن منع ڪري سگهو ته منع ڪريو! ٻي صورت ۾ اتان اٿي وڃو! جيڪڏهن اُٿي به نه سگهو ته ان کي دل ۾ خراب ڄاڻو!


 

 



[1]... تفسیرصراط الجنان ،پارہ:15 ،سورۂِ بنی اسرائیل ،تحت الآیت :36،جلد:5،صفحہ:463،بتغیر قلیل ۔

[2] معجم کبیر ،جلد:4،صفحہ:285،حدیث 7564،ملخصاً۔