Book Name:Kanon Ko Gunahon Se Bachana
(1): مختلف موضوعن تي مختصر بيان: 5 منٽ (2): دُعا ياد ڪرائڻ: 5 منٽ (3): جائزو: 5 منٽ ڪُل وقت: 15 منٽ
اڄ جي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن حلقن ۾ 72 نيڪ اعمال مان هڪ نيڪ عمل ڪنن کي گناهن کان بچائڻ جي متعلق معلومات ڏني ويندي ۽ غيبت کان بچڻ جي دعا ياد ڪرائي ويندي ۽ آخر ۾ نيڪ اعمال جي رسالي مان اجتماعي جائزو به ورتو ويندو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم!
آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو مون تي هڪ ڀيرو درود شريف پڙهندو آهي الله پاڪ ان جي لاءِ هڪ قيراط اجر لکندو آهي ۽ قيراط اُحد جبل جيترو آهي. ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
نيڪ عمل نمبر 10: ڇا اَڄ توهان ڪنن کي گناهن يعني غيبت چغلي، ڳائڻ وڄائڻ، بُرين ۽ گندين ڳالهين، موبائل جي ميوزيڪل ٽيون، ڪارٽون وغيره وغيره ٻڌڻ کان بچيا؟.
ڪنن کي گناهن کان بچائڻ جو مطلب
جنهن شين جو ٻڌڻ گناھ آھي، انھن کي نه ٻڌڻ ڪنن کي گناھن کان بچائڻ آھي. جھڙوڪ: غيبت، چغلي، ڳانا باجا، برايون ۽ گنديون ڳالهيون، موبائل جي