$header_html

Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan

تنهنڪري هنن پنهنجو هڪ عبادت خانو ٺاهيو ۽ عبادت ۾ مصروف ٿي ويا. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي زبردست ڳالھ آهي نه. الله پاڪ اسان کي اهڙي سوچ نصيب فرمائي. خير! مان حديث شريف ٻڌائي رهيو هيس: رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: هڪ دفعو حضرت جريج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه پنهنجي عبادت خاني ۾ نماز پڙهي رهيا هئا، سندن والده  اتي آئي. آواز ڏنائين: اي جُرَيج...!! هي نماز ۾ هئا. دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳا: يا الله! هڪ طرف نماز آهي، ٻئي طرف امڙ سائڻ آهي، ڇا ڪيان؟ ٿورو سوچي فيصلو ڪيو ته نماز وڌيڪ اهم آهي. تنهنڪري نماز جاري رکيائون. والده ٻيهر آواز ڏنو: اي جُرَيج! حضرت جُرَيج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جواب نه ڏنو. ماءُ ٽيو دفعو آواز ڏنو. پاڻ وري به نماز ۾ مشغول رهيا. آخر ماءُ ڪاوڙ مان چيو: خدا توکي تيستائين موت نه ڏئي، جيستائين تون بدڪار عورت جو منهن نه ڏسي وٺين...!!

ماءُ جي دعا ته وري ماءُ جي دعا آهي، الله پاڪ ان کي قبول فرمائيندو آهي. تنهنڪري هڪ وقت آيو، هڪ بدڪار عورت ڪنهن ڌنار سان بدڪاري ڪئي، ٻار پيدا ٿيو ته ان جو الزام حضرت جُرَيج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تي لڳائي ڇڏيو. ماڻهن بدڪار عورت جي ڳالھ ٻڌي ته ڪاوڙ ۾ اچي ويا. ان ڏانهن ڊوڙيا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه عبادت خانو ڀَڃي ڇڏيو ۽ پاڻ کي ٻڌي بادشاھ جي سامهون کڻي آيا. پاڻ کي جڏهن معاملي جي خبر پئي ته ان ننڍڙي ٻار کي ئي فرمايائون: پٽ! تون ئي ٻڌاءِ ته تنهنجو والد ڪير آهي؟ ان ننڍڙي ٻار ڳالهائي چيو: منهنجو پيءُ فلاڻو ڌنار آهي. اهو ٻڌي سڀني مڃيو ته حضرت جريج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه بلڪل بي گناھ آهن. ([2])  البت! اها جيڪا ماءُ انهن جي خلاف دعا ڪئي هئي، اها پوري ٿي وئي.

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! فقاهت اها آهي ته ٻانهو نفل نماز پڙهي رهيو هجي، والده آواز ڏئي ته ماڻهو نماز ڇڏي امڙ جي ڳالھ ٻڌي پر حضرت جُريج رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ائين نه ڪيو، پاڻ تمام وڏا عبادت گذار هئا، ولي الله هئا، البته!


 

 



[1]... مسند احمد، جلد:4، صفحہ:618، حدیث:9853۔



$footer_html