Book Name:Achay Logon Ki Nishaniyan
ويا، ٿوري دير کان پوءِ آيت سڳوري تلاوت ڪيائون: ([1])
تِلْكَ اُمَّةٌ قَدْ خَلَتْۚ-لَهَا مَا كَسَبَتْ وَ لَكُمْ مَّا كَسَبْتُمْۚ- (پاره:1، سوره بقره:141)
ترجمو ڪنزالعرفان: اها هڪ امت آهي جيڪا گذري چڪي آهي انهن جا عمل انهن جي لاءِ آهن ۽ توهان جا عمل توهان جي لاءِ آهن.
پاڻ اهو ٻڌائڻ چاهين پيا ته ادا...!! اهي صحابه ڪرام عَلَیْهِمُ الرِضْوان هئا، اهي سڀ جنتي آهن، انهن جي وچ ۾ جيڪو ڪجھ ٿيو، ان جو فيصلو قيامت جي ڏينهن الله پاڪ فرمائيندو، اسان کي وڏن جي معاملن سان ڪهڙو تعلق...!! جنهن ڳالھ جو اسان کان سوال ٿيندو، ان جي ڳالھ ڪريو! اهو سکو! اهو سمجهو! غير ضروري معاملن ۾ دخل ڇو ڏيندا آهيو؟
پيارا اسلامي ڀائرو! اها اسان جي سمجهڻ جي ڳالھ آهي. دين ۾ فقاهت حاصل ڪريو! يعني اصل سکڻ، سمجهڻ، ڏسڻ، غور ڪرڻ، تبصري ۽ تجزيي ڪرڻ جي اها ڳالھ آهي ته * مون تي ڇا لازم آهي؟ * مون ڇا ڪيو؟ * مان ڇا ڪري رهيو آهيان؟ * مون پنهنجون ذمّيداريون پوريون ڪري ورتيون آهن يا نه؟ اهو ئي سکڻ، سمجهڻ ۽ غور ڪرڻ ۾ مصروف رهڻ گهرجي. * الله پاڪ هڪ آهي، ان جو ڪو شريڪ نه آهي * محبوب صَلَّي اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم الله پاڪ جا نبي آهن، آخري رسول آهن * صحابه ڪرام عليهم الرضوان سڀ جا سڀ جنتي آهن. وغيره جيترا بنيادي عقيدا آهن، اسين اهي سکي وٺون ۽ انهن تي پڪا رهون، بس اهو ڪافي آهي * اهڙي طرح ملڪن جي متعلق تبصرا * جماعتن تي تنقيدون. انهن سڀني سان اسان جو ڇا تعلق...؟ ها! ان سان تعلق تڏهن بڻبو، جڏهن اسان کي اهي ذمّيداريون سونپيون وينديون. تنهنڪري ڀلائي ان ۾ آهي ته اسين فضول ۽ بي فائدو ڳالهين کان توجھ هٽائي فقاهت حاصل ڪريون، حاضر وقت مون تي ڇا لازم آهي، اهو سوچڻ، سمجهڻ ۽ سکڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وڃون.