Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi
حصي ۾ تهجد پڙهه، هي خاص تنهنجي واسطي زيادهه آهي.
* حديث پاڪ ۾ آهي: فرض نماز کان پوءِ سڀ کان افضل نماز رات ۾ پڙهي وڃڻ واري نماز آهي.
* هڪ روايت ۾ آهي ته جيڪو ٻانهو رات جو اٿي وضو ڪندو آهي ته الله پاڪ فرشتن کي فرمائيندو آهي: منهنجي هن ٻانهي کي ڏسو جيڪو پنهنجي نفس کي مون کان سوال ڪرڻ تي مائل ڪري رهيو آهي، اِهو شخص مون کان جيڪو ڪجهه گهرندو، اُن کي عطا ڪيو ويندو. ([1])
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن سڀئي ماڻهو هڪ ئي جاءِ تي گڏ ٿيندا، پوءِ هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو ته ڪاٿي آهن اُهي ماڻهو جن جا جسم بسترن کان جدا رهندا هئا؟ پوءِ اهي ماڻهو اٿي بيهندا ۽ اهي تعداد ۾ تمام ٿورا هوندا ۽ بغير حساب جي جنت ۾ داخل ٿي ويندا، پوءِ ٻين ماڻهن جو حساب شروع ٿيندو. ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته! رات جي نماز (جهڙوڪ تهجد پڙهڻ) جا ڪيترا نه عظيم فضائل آهن. اَلحمدُ لِلّٰہ! * تهجد جي نماز جنت ۾ وٺي وڃڻ واري * برڪت ڏيارڻ واري * ۽ ربِ ڪريم جي رضا ڏيارڻ واري آهي.
تهجد گذار بڻجڻ جو هڪ آسان طريقو هي به آهي ته اسان قافلن جا مسافر بڻجي وڃون. اَلحمدُ لِلّٰہ! قافلي جي جدول ۾ * تهجد جي نماز * اشراق ۽ چاشت جي نماز * نمازِ اوابين * ۽ نمازِ توبهه به شامل آهي. تنهنڪري