Tere Deen Ki Sarfarazi

Book Name:Tere Deen Ki Sarfarazi

کاٻو پير ٻاهر رکو پوءِ ساڄو. * بغير اعتڪاف جي نيت جي مسجد ۾ ڪا به شيءِ کائڻ پيئڻ جي اجازت نه آهي* وضو ڪرڻ کان پوءِ ڌوتل عضون مان وضوءَ جي پاڻي جو هڪ ڦڙو به مسجد جي فرش تي نه ڪِري * مسجد ۾ ڊوڙڻ يا زور سان قدم رکڻ جنهن سان پيرن جو آواز پيدا ٿئي منع آهي * مسجد ۾ جيڪڏهن نِڇَ، اوٻاسي يا کنگهه وغيره اچي ته ڪوشش ڪريو ته آواز آهستي نڪري * مسجد ۾ دنيا جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ڪا ديني ڳالهه ڪنهن سان ڪرڻي هجي ته ويجهو وڃي ساڻس آهستي ڳالهايو، ائين نه ٿئي جو ڪو ماڻهو مسجد ۾ اُٿِي بيهي ۽ روڊ تي بيٺل راہگير سان بلند آواز سان ڳالهائي يا وري ڪو مسجد جي ٻاهران کيس پڪاري رهيو هجي ۽ هي کيس بلند آواز سان جواب ڏئي رهيو هجي * ڪنهن جي مذاق اڏائڻ هونئن ئي منع آهي ۽ مسجد  ۾ سخت ناجائز * مسجد ۾ کلڻ قبر ۾ انڌيرو آڻيندو آهي.([1]) ها، موقعي جي مناسبت سان مسڪرائڻ ۾ حرج نه آهي * مسجد جي فرش تي ڪا به شيءِ نه اڇلائجي پر آهستي رکجي. لڪڻ، يا ڇٽِي وغيرهه رکڻ وقت پري کان اڇلائي ڇڏيندا آهن ان کان منع ڪيو ويو آهي، مطلب ته مسجد جو احترام ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي * مسجد ۾ حدث (يعني هوا خارج ڪرڻ) منع آهي. ضرورت هجي ته ٻاهر هليو وڃجي. ([2])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري  دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول


 

 



[1]... فردوس الاخبار،جلد:2، صفحہ:41،حدیث:3706۔

[2]... فیضانِ رمضان، صفحہ:37 ملتقطاً۔