Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log
جي صدقي ۾ سندن امت کي رسوا ناهي ڪندو، اسين گناهه به ڪندا آهيون ته اسان تي پهرين قومن وانگر اجتماعي عذاب ناهن ايندا، اسان جا چهرا ناهن بگاڙيا ويندا، هن اُمت کي پهرين اُمتن وانگر ڀولو ۽ خنزير نٿو بڻايو وڃي پر ياد رکجو! الله پاڪ جي نافرماني جو نتيجو ته بهرحال نڪرندو ئي آهي. علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: گذريل امتن جو عذاب جسماني خسف و مسخ هو (يعني پهريون امتون نافرمانيون ڪنديون هيون ته انهن کي زمين ۾ ڌٻايو ويندو هو، انهن جا چهرا بگاڙيا ويندا هئا، ڪو ڀولو بڻجي ويندو هو، ڪو خنزير بڻجي ويندو هو) پر هن امت جو عذاب روحاني خسف و مسخ آهي، پهريان جسم بدلجندا هئا، هاڻي دليون بدلجي وينديون آهن. ([1]) الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ نُقَلِّبُ اَفْـٕدَتَهُمْ وَ اَبْصَارَهُمْ (سيپارو: 7، الاِنعام: 110)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ اسان انهن جي دلين ۽ اکين کي ڦيري ڇڏينداسين.
الله پاڪ جي پناهه! الله پاڪ جي پناهه! پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ غور فرمايو! جنهن ٻانهي تي الله پاڪ جي لعنت وسي رهي هجي، جنهن لاءِ جانور به لعنت وسڻ جون دعائون ڪري رهيا هجن، جنهن جي دل ئي اُبتي ڪئي وئي هجي، اهڙو شخص دنيا جي ذلت ۽ آخرت جي عذاب کان ڪيئن بچي سگهندو؟ ان جي دل ۾ علم و حڪمت جو نور ڪيئن سمائجي سگهندو؟ ان ڪري اسان سڀني تي لازم آهي ته اسين گناهن کان، الله پاڪ جي نافرمانين کان، نمازون ڇڏڻ، لاڳيتو جماعت ترڪ ڪرڻ، سودي لين دين، ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي وغيره گناهن کان هر گهڙي بچندا رهون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل ۾ ايمان جو نور لهندو، سينو