Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

هن حديثِ پاڪ ۾ 2 قسم جي ماڻهن جو ذڪر آهي (1): اهو شخص جيڪو ڀلائي جي چاٻي ۽ برائي جو تالو آهي. علامه مناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ان شخص جو اهو شان آهي ته ان کي ڏسي ماڻهن کي نيڪي ياد ايندي آهي، اهو جتي ويندو آهي، نيڪين جي ڌوم مچائي ڇڏيندو آهي، ڳالهائيندو آهي ته ان جي وات مان نيڪ ڳالهيون نڪرنديون آهن، سوچيندو آهي ته نيڪي جي ڳالهه سوچيندو آهي، ان جو باطن به نيڪي تي هوندو آهي ايستائين جو جيڪو ٻانهو ان جي صحبت ۾ ويهي، اهو به نيڪ بڻجي ويندو آهي. ([1]) (2): ۽ ٻيو اهو شخص آهي جيڪو برائي جي چاٻي ۽ ڀلائي جو تالو آهي يعني اهو پهرين واري جي بلڪل ابتڙ آهي، اهو جتي ويندو آهي، برائي جو ٻج پوکيندو  آهي، ان جي زبان مان برائي نڪرندي آهي، ان جي هٿ مان برائي ظاهر ٿيندي آهي، ان جي سوچ به برائي تي مبني هوندي آهي، مطلب ته اهو پاڻ به برو آهي ۽ ٻين تائين به برائي ئي پهچائيندو آهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! اهي 2 قسم جا ماڻهو آهن، جيڪو ڀلائي جي چاٻي آهي (يعني نيڪي ڪرڻ ۽ نيڪيون پکيڙڻ وارو آهي)، ان لاءِ خوشخبري آهي ۽ جيڪو برائي جي چاٻي آهي (يعني پاڻ به برو آهي ۽ برائي ئي پکيڙيندو رهندو آهي ، ان جي عمل سان، ڪردار سان، ڳالهين سان ٻين کي برائي جي ترغيب ملندي آهي)، ان لاءِ هلاڪت آهي. هاڻي اسان غور ڪري وٺون ته اسان جو شمار ڪنهن ۾ ٿئي ٿو، اسان کي ڏسي ماڻهو برائي سکندا آهن يا اسان جي ذريعي ڀلائي پکڙجندي آهي ؟ جيڪڏهن اسان هلاڪت کان بچڻ چاهيون ٿا، الله پاڪ جي حضور، پنهنجي گهر ۾، معاشري ۾ پنهنجي


 

 



[1]...فیض القدیر، جلد:2، صفحہ:528، زیرِ حدیث:2465۔