Nuqsan Uthane Walay Log

Book Name:Nuqsan Uthane Walay Log

ڇڏيندڙ ٽيون عيب آهي: زمين ۾ فساد پکيڙڻ. ان جون گهڻيون صورتون آهن؛ قتل و غارت گيري، ڦر لٽ، چوري چڪاري، گار گند، جهيڙا ڪرڻ، اغوا جو تاوان، ڌوڪو ڏيڻ، ماپ تور ۾ گهٽتائي ڪرڻ، نفرتون پکيڙڻ وغيره سڀ زمين ۾ فساد جون ئي صورتون آهن ۽ انهن ۾ هڪ تمام خطرناڪ صورت گناهن کي رواج ڏيڻ به آهي.

 عام طور تي ماڻهو قتل و خونريزي، ڦر لٽ ۽ چوري چڪاري ناهن ڪندا، اهڙا ظالم ماڻهو هزارين ۾ ڪجھ هوندا آهن پر گناهن کي رواج ڏيڻ يا ان جو سبب بڻجڻ، گناھ يا گناهن جا موقعا ايجاد ڪرڻ عام ٿي ويو آهي. * والد گهر ۾ گانا ٻڌندو آهي، ڇا سندس اولاد گانا نه ٻڌندي؟ * والد گهر ۾ گناهن سان ڀريل چينل لڳرايا آهن * انٽرنيٽ جي استعمال جي سرِ عام اجازت ڏنل آهي، پاڻ به انٽرنيٽ جو غلط استعمال ڪندو آهي، اولاد کي به موقعا فراهم ڪندو آهي، ڇا اهي گناهن کي رواج ڏيڻ جون صورتون نه آهن؟ * اهڙي طرح اعلانيه گناهه ڪرڻ ۽ انهن کي فيشن جو نالو ڏيڻ، جيڪو ان گناهه کي نه اپنائي، ان کي طعنا ڏيڻ، ان تي طنزيه جملا چوڻ * دوستن جي سامهون گناهه ڪري انهن کي ان جي عملي ترغيب ڏيارڻ، "ڇڏيو يار هاڻي نيڪي جو زمانو ناهي! * ڪوڙ کان سواءِ هاڻي گذارو ئي نٿو ٿئي * سودي لين دين نه ڪريون ته ڇا بکيا مري وڃون؟* مٿان کان هيٺ تائين هر جڳهه وياج ئي وياج آهي، اسان ان کان ڪيئن بچي سگهون ٿا؟ * اڄڪلهه ڌوکي بازي سان ئي ڪم هلن ٿا، ايترا سڌا بڻجي وياسين ته کائينداسين ڪٿان؟ وغيره وغيره جملا اسان وٽ چيا ويندا آهن، اهڙي طرح جا جملا چئي ٻين کي گناهن تي اڀاريو ويندو آهي، هي به گناهن کي رواج ڏيڻ جي ئي صورت آهي