Jannat ki Zamanat

Book Name:Jannat ki Zamanat

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپارو: 1، سورت بقره جي آيت: 25 ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي. هن آيتِ ڪريمه ۾ ايمان وارن ۽ نيڪ عمل ڪرڻ وارن کي جنت جي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي.

هي قرآنِ ڪريم جو نهايت پيارو انداز آهي ته جتي غير مسلمن ۽ مجرمن کي جهنم کان ڊيڄاريو ويندو آهي، اتي ئي ايمان وارن ۽ نيڪ ماڻهن کي جنت جي خوشخبري به ٻڌائي ويندي آهي ، هن آيتِ ڪريمه کان اڳين آيتن ۾ ڪافرن (Disbelievers)  کي جهنم جي وعيد ٻڌائي وئي ۽ فرمايو ويو ته اي غير مسلمو! اي اهي ماڻهوؤ! جيڪي قرآنِ ڪريم بابت شڪ (Doubt) ڪندا آهيو، يا ته توهان قرآنِ ڪريم جهڙو ڪلام ٺاهي ڏيکاريو! ۽ جيڪڏهن نه ٺاهي سگهو ۽ يقينن توهان ان جهڙو ڪلام نه ٺاهي سگهندا ته ان جهنم کان ڊڄو جنهن جو ٻارڻ (Fuel)  ماڻهو ۽ پٿر (Stone) آهن ۽ اهو ڪافرن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي. هاڻي هن آيتِ ڪريمه يعني آيت نمبر 25 ۾ ايمان وارن کي، قرآنِ ڪريم تي پڪو يقين (Believe) رکڻ وارن، صاحِبِ قرآن نبي، مڪي مدني صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سچن غلامن کي جنت جي خوشخبري ٻڌائي پئي وڃي. جيئن ته

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

ارشاد ٿئي ٿو:

وَ بَشِّرِ

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ خوشخبري ڏيو.

هي اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان آهي، پاڻ ڪريم   صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڪ نالو آهي: بَشِير يعني خوشخبري ٻڌائيندڙ نبي (صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم). هتي جيڪا لطف واري ڳالهه آهي، اها هيءَ  آهي ته جنت الله پاڪ جي آهي، ٻانها به ان جا آهن، عبادت به ان جي ڪندا آهن، ڪلام به ان جو آهي پر ربِ قدير پنهنجي ٻانهن کي، پنهنجي جنت جي خوشخبري پاڻ نه ٻڌائي پر پنهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمايو: اي پيارا محبوب!