Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool
اندر تمام گهڻي اوندهه هئي ...!! ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ئي نه هو. وڏي مشڪل ٿي وئي، هاڻي هنن پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي چيو: اڄ تائين اوهان جيڪي به نيڪ عمل ڪيا آهن، اوهان جي نظر ۾ انهن مان جيڪو سڀ کان افضل عمل آهي، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ ان جو وسيلو پيش ڪريو! لهٰذا: * انهن مان هڪ والدين (Parents) جي خدمت واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري: اي الله پاڪ! منهنجي والدين جي خدمت واري نيڪي جي صدقي ۾ هن پٿر کي ايترو هٽاءِ جو اسان کي آسمان نظر اچڻ لڳي، جيئن ئي هن نيڪ عمل جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري، تيئن ئي اهو پٿر ٿورو سُرڪِي ويو ۽ آسمان نظر اچڻ لڳو. * هاڻي ٻئي صاحب پنهنجي خوفِ خدا ۽ حيا واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري چيو: اي الله پاڪ! منهنجي هن نيڪ عمل جي برڪت سان هن پٿر کي اڃان وڌيڪ هٽاءِ. تنهنڪري پٿر اڃان وڌيڪ سرڪي ويو. * هاڻي ٽئين شخص پنهنجي امانتداري واري نيڪي جو وسيلو پيش ڪري دعا گهري: اي الله پاڪ! منهنجي هن امانتداري (Honesty) جي وسيلي سان هن پٿر کي اڃان وڌيڪ هٽاءِ. جيئن ئي هن دعا گهري ته منهنجا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: اهو پٿر جنهن غار جو منهن بند ڪري کين قيد ڪري ڇڏيو هو، سندن نيڪ عملن جي وسيلي جي برڪت سان هٽي ويو (۽ اهي سڀ پنهنجي پنهنجي رستي سان هليا ويا). ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! اها آهي وسيلي جي برڪت ...!! تنهنڪري جڏهن به ڪا مشڪل هجي، پريشاني هجي، مصيبت هجي، تنگدستي هجي، ڪو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا، ڪنهن ميدان ۾ ڪاميابي چاهيو ٿا ته نيڪ ڪم ڪريو ۽ الله پاڪ جي بارگاهه ۾ حاضر ٿي پنهنجن نيڪ عملن ۽ انبياءِ ڪرام، اولياءِ ڪرام