Kamyabi Ke 3 Usool

Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَتَوَجَّهُ اِلَيْكَ بِنَبِيِّكَ مُحَمَّدٍ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، نَبِيِّ الرَّحْمَةِ، يَا مُحَمَّدٌ اِنِّي اَتَوَجَّهُ بِكَ اِلٰی رَبِّكَ وَرَبِّي اَنْ يَرْحَمَنِيْ مِمَّا بِيْ

اي الله پاڪ! مان تنهنجي بارگاهه ۾ تنهنجي نبي، رحمت واري نبي، حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان متوجھ ٿيو آهيان، اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جي وسيلي سان، توهان جي ۽ پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ متوجھ ٿيو آهيان ته جيئن هو منهنجي هن بيمار حالت تي نظرِ رحمت فرمائي. 

امام ابن ابي الدنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: اهو شخص هيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ ٻيهر آيو، عبد الملڪ بن حيان ٻيهر سندس پيٽ چيڪ ڪيو ته حيرت مان چيائين: مَابِکَ عِلَّةٌ، هاڻي توکي ڪو به مرض نه آهي. ([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه مجرب نسخو آهي. اسان به هي نسخو اختيار ڪري سگهون ٿا، ڪا به مشڪل هجي، ڪا به پريشاني هجي، ڪا به دشواري هجي، الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ٿي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪريو! سندن سيکاريل دعا گهرو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿيندي. هيءَ نمازِ حاجت پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ ۾ بس هڪ ڳالهه جو خيال رکو! ته رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي یَامُحَمَّد چئي پڪارڻ منع آهي. اهڙيون دعائون جيڪي حديثن ۾ آيون آهن ۽ انهن ۾ یَامُحَمَّد جو لفظ به آيو آهي، علماءِ ڪرام فرمائن ٿا ته اهڙن موقعن تي ادب اهو آهي ته اسان یَامُحَمَّد جي بدران یَا رَسُوْلَ اللہ چئون. ([2]) ظاہر آهي اسان ننڍا آهيون، اسان ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نالو کڻي پڪاري نه ٿا سگهون! اسان کي ته ادب ئي ڪرڻ گهرجي ۽ ادب ان ۾ ئي آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی الدنیا، کتاب مجابی الدعوۃ، جلد:2، صفحہ:379، رقم:127۔

[2]... فتاوی رضویہ، جلد:30، صفحہ:157 خلاصۃً۔