Share this link via
Personality Websites!
کي معاف به فرمايو ۽ گڏوگڏ فرمايو: اي آدم! لَوْ لَا مُحَمَّد لَمَا خَلَقْتُکَ جيڪڏهن (منهنجا محبوب) محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه هجن ها ته مان توهان کي به پيدا نه ڪيان ها. ([1])
نوح و خلیل و موسیٰ و عیسیٰ سب کا ہے آقا نامِ مُحَمَّد
دونوں جہاں میں دنیا ودیں میں ہے اک وسیلہ نامِ مُحَمَّد
شیدا نہ کیوں ہو اس پر مسلماں رب کو ہے پیارا نام مُحَمَّد([2])
سُبْحٰنَ اللہ! ان مان هڪ ته اهو معلوم ٿيو ته انسان کي دنيا ۾ سڀ کان پهرين ڪاميابي وسيلي جي برڪت سان ملي آهي، ٻيو اهو به معلوم ٿي ويو ته الله پاڪ جي مقبول ٻانهن جي وسيلي سان، بحقِ فلان چئي دعا ڪرڻ ابو البشر حضرت آدم عَلَیْہِ السَّلَام جي سنت آهي. ([3])
ابن ماجه شريف ۾ حديث پاڪ آهي ۽ هن حديث کي امام ترمذي به روايت ڪيو آهي، صحابيءِ رسول حضرت عثمان بن حُنيف رَضِيَ اللهُ عَنه فرمائن ٿا: هڪ دفعو هڪ نابين صحابي رَضِيَ اللهُ عَنه بارگاهه رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيو: اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا فرمايو ته منهنجون اکيون (Eyes) ٺيڪ ٿي وڃن.)
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو: صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللہُ عَنۡهم جو عقيدو هو ته يقيناً دعا الله پاڪ ئي ٻڌندو آهي، سڀني جي ٻڌندو آهي پر جهڙي پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌي ٿو، اهڙي ڪنهن جي به نٿو ٻڌي...!!
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami