Peerane Peer ki Piyari Adain

Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

مشکلیں اُن کی حل ہوئیں قسمتیں اُن کی کھل گئیں

وِرد جنہوں نے کرلیا صَلِّ عَلیٰ مُحَمَّدٍ ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون 

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[2](

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! *الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

رحمتِ خداوندي ڏياريندي آهي يارهين

پيارا اسلامي ڀائرو!  اَلحمدُ لِلّٰہ! اڄ وڏي يارهين شريف آهي. گذريل مهيني اسان وڏي ڌام ڌوم سان ماهِه ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي 12هين شريف ملهائڻ جي سعادت حاصل ڪئي ۽ هاڻي اسان يارهين شريف ملهائڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهيون.

مشهور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي: حضور غوثِ پاڪ شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 12 هين شريف (يعني محبوب ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد پاڪ) وڏي اھتمام سان ملهائيندا هئا. هڪ ڏينهن رسولن جا سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن خواب


 

 



[1]... دیوانِ سالک، صفحہ:24 -25 ملتقطاً۔

[2]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔