Peerane Peer ki Piyari Adain

Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

سندن خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: حضور! توهان جي شاگردن ۾ نيڪوڪار ۽ گنھگار ٻئي موجود آهن؟ فرمايائون: ھا! نيڪوڪار منھنجي لاءِ آهن ۽ گنھگارن جي لاءِ مان آهيان

سب کا کوئی نہ کوئی دنیا میں آسرا ہے                      میرا بجز تمہارا کوئی نہیں سہارا

* پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جنازن ۾ شرڪت ڪندا ھئا * تمام گهڻا سخي ھئا، سڀني کي نوازيندا ھئا * تمام گهڻو خاموش رھڻ وارا ھئا * تمام حيادار ھئا * جيڪو به وٽن ايندو ھو، ان کي عزت ڏيندا ھئا * سندن خادم ٿڪل ھوندو ھو ته کيس آرام جو موقعو ڏيندا ھئا، پاڻ بازار وڃي سامان وغيره خريد ڪري ايندا ھئا * سفر ڪندا ھئا ته ساڻن گڏ جيڪي خادم، غلام يا مريد هوندا هئا انهن کي آرام ڏيندا ھئا، پاڻ ئي ڪڻڪ پِيهندا هئا ۽ پاڻ ئي اٽو ڳوھي، مانيون پچائي، همسفر خادمن ۽ غلامن کي کاڌو کارائيندا ھئا * گھر وارن تي به ڏاڍا مهربان ھئا، جيڪڏھن ڪڏھن سندن زوجه محترمه بيمار ٿي پونديون ھيون ته پاڻ گھر جو ڪم ڪار ڪري ڇڏيندا ھئا. 

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪيڏيون نه پياريون ادائون آهن، ڪاش! اسان به اھڙيون ادائون اپنايون، ٻين تي شفقت ڪريون، ھمدردي ڪريون، ھر ڪنھن جي ڪم اچون، جيترو ٿي سگھي ٻين کي فائدو پھچايون، عاجزي ڪريون، عام ماڻھن وانگر سادي زندگي گذاريون. اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ انداز به اھڙو ئي ھو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻي عاجزي فرمائڻ وارا ھئا، ڏاڍي سادي زندگي گذاريندا ھئا، گھر جو سامان پنهنجن مبارڪ ڪلھن تي رکي کڻي ايندا ھئا، گھر وارن جو ڪم ڪار ۾ ھٿ ونڊائيندا ھئا. اھي سڀ ڪم اسان کي به اپنائڻ گھرجن. 

افسوس! اڄڪلھ ڏيکاءُ تمام گھڻو ٿي ويو آھي، ماڻھو پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ ۾ به پنهنجي بيعزتي محسوس ڪري رهيا هوندا آهن. پنهنجن ھٿن سان ڪم ڪرڻ گهڻن کي پسند نه هوندو آهي. ايتري تائين جو پاڻي به پاڻ اٿي پيئڻ ڪيترن کي مشڪل لڳندو آهي، هَرُوڀَرُو ٻين کي تڪليف ڏيندا آهن ته اي فلاڻا! پاڻي پيار!