Peerane Peer ki Piyari Adain

Book Name:Peerane Peer ki Piyari Adain

فرمايائون: جڏهن به مان گهران، تڏهن هي آئينو مون کي ڏيندو ڪر. 

هڪ ڏينهن ايئن ٿيو جو اهو قيمتي آئينو خادم جي هٿن مان ڪِري ٽُٽِي پيو. خادم تمام گهڻو پريشان ٿيو، سوچي رهيو هو ته ڪيئن ٻڌايان ته مون کان آئينو ٽٽي پيو آهي. آخرڪار هڪ خوبصورت جملو سوچي، بارگاههِ غوثيت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: 

اَزْ قَضَا آئِیْنَہْ چِیْنِیْ شِکَسْت

ترجمو: يعني تقدير غالب آئي ۽ چيني آئينو ٽٽي پيو.

حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه يڪدم فرمايو: 

خُوْبْ شُدْ کِہْ اَسْبَابِ خُوْدْ بِیْنِیْ شِکَسْت

ترجمو:  يعني سٺو ٿيو، پاڻ کي ڏسڻ وارو اوزار ٽٽي پيو.

چڱائي کي نظر ۾ رکون

سُبْحٰنَ اللہ! هڪ ته ان ۾ هي ڏسو ته ظاهري طور نقصان ٿي ويو، قيمتي آئينو ٽٽي پيو. اسان جي گهرن ۾ جيڪڏهن اهڙو ڪو مسئلو ٿي وڃي، ٻارن کان ڪا شيءِ ٽٽي پئي، چانهه ڪِري پئي، ڪپڙا استري ڪندي سڙي وڃن، ٻارَ کي دڪان تي ڪجهه وٺڻ موڪليو هو، ويچاري کان پئسا ڪٿي ڪِري گم ٿي ويا ۽ ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا نقصان گهرن ۾، دڪانن تي، آفيسن ۾، ملازمن وغيره کان ٿيندا رهندا آهن. اسان وٽ اهڙي موقعي تي اڪثر ڪري ماڻهو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويندا آهن. * ڏسي نه ٿو هلي سگهين؟ * هڪ ڪم توکان سڌو نه ٿو ٿئي؟ * هٿ ٽٽي پيا اٿئي ڇا...؟ جهڙا ابتا سبتا جملا اسان پنهنجين زبانن تي آڻيندا آهيون. 

حضور غوث پاڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو مبارڪ انداز ڏسو! قيمتي آئينو ٽٽي پيو، پاڻ ان نقصان مان به چڱائي جو پهلو ڪڍي ورتائون ۽ فرمايائون: سٺو ئي ٿيو، پاڻ کي ڏسڻ وارو اوزار ٽٽي پيو.