Ustad Ke 3 Huqooq

Book Name:Ustad Ke 3 Huqooq

* استاد صاحب سان گڏ ماني کائڻ جي سعادت ملي ته کانئن پهرين ماني شروع نه ڪرڻ۔ مطلب ته؛ شريعت جي دائري ۾ رهندي استاد جي هر طرح تعظيم ڪرڻ ضروري آهي۔ استاد جي بي ادبي دنيا ۽ آخرت ۾ رسوائي جو سبب آهي ۽ استاد جو ادب ٻنهي جهانن جي ڀلائي آهي۔

ٽيون حق: استاد صاحب ڏانهن توجهه رکڻ

وضاحت:  استاد صاحب پڙهائي رهيو هجي ته سندن * هر ڳالھ کي ڌيان سان ٻڌي * سمجھڻ جي ڪوشش ڪري * ٿي سگهي ته لکي وٺي* جيڪڏهن ڪا ڳالھ سمجھ ۾ نه اچي رهي هجي ته ادب جو لحاظ رکندي استاد صاحب کي عرض ڪري، سبق دوران بي توجهي اختيار نه ڪري مثال طور؛ * گفتگو ڪرڻ * اشارا ڪرڻ * موبائل ۾ لڳل رهڻ * کائيندي، پيئندي رهڻ * آڱرين سان کيڏندي رهڻ وغيره عِلم جي برڪتن کان محروم ڪري سگهي ٿو۔

دهرائي

استاد جا هي ٽي حق آهن، ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! (1): فرمانبرداري ڪرڻ   (2): ادب ۽ احترام ڪرڻ (3): استاد صاحب ڏانهن توجهه رکڻ۔

سکڻ سيکارڻ جي حلقن ۾ ياد ڪرائي ويندڙ دُعا

آب زم زم پيئڻ وقت جي دُعا

اَللّٰھُمَّ  اَسْأَ لُکَ عِلْمًا نَّافِعًا وَّرِزْقًا وَّاسِعًاوَّ شِفَآءً مِّنْ کُلِّ دَآءٍ