Zikr Hai Oncha Tera

Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

 

هن آيتِ ڪريمه جي ٻي تفسير اها بيان ڪئي وئي آهي ته اَلْاُوْلٰى مان مراد آهي: دُنيا. ۽ اَلْآخِرَةُ مان مراد آهي: دُنيا کان پوءِ واري زندگي. هن تفسير جي لحاظ کان آيتِ ڪريمه جي معنيٰ اها ٿيندي: اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي هن دُنيا کان پوءِ واري زندگي، هن دُنيا جي زندگي کان وڌيڪ بهتر (Better) آهي.([1])

اُمّت جي ترقي ڏيکاري وئي

صحابيءِ رسول، سلطانُ المفسرين حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِيَ الله عَنْهُمَا فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڏيکاريو ويو ته توهان جي اُمّت کي ڪهڙيون ڪهڙيون ترقيون ۽ وسعتون عطا ڪيون وينديون، توهان جي اُمّت کي ڪيئن ڪافرن تي غلبو (Domination) عطا ٿيندو، پنهنجي اُمّت جو اهو سٺو حال ڏسي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام گهڻو خوش ٿيا، ان تي هي آيتِ ڪريمه نازل ٿي ۽ الله پاڪ فرمايو:([2])

وَ  لَلۡاٰخِرَۃُ  خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾

(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)      

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.

يعني اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اها ته دُنيا جي عزّت ۽ ترقي ۽ شان ۽ عظمت آهي، الله پاڪ توهان جي لاءِ هن دُنيا کان پوءِ جيڪي عزّتون، رفعتون، بلنديون ۽ شان تيار ڪري رکيا آهن، اهي ان کان وڌيڪ بهتر آهن.

تون زنده آهين وَالله! تون زنده آهين وَالله!

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي توهان کان هڪ ننڍڙو سوال آهي، ٿورو غور فرمايو! زنده هجڻ وڌيڪ بهتر آهي يا مري فنا ٿي وڃڻ وڌيڪ بهتر آهي؟ يقيناً هر صاحبِ عقل اهو ئي چوندو ته زنده هجڻ وڌيڪ بهتر آهي. هاڻي پاڻ غور ڪريو! الله پاڪ ته فرمائي ٿو ته اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیرِ کبیر،پارہ:30،الضحیٰ،زیرِ آیت:4،جلد:11،صفحہ:193خلاصۃً۔

[2]...معجمِ اوسط،جلد:1،صفحہ:173،حدیث:572خلاصۃً۔