Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
غلط معلومات ڦهلائي پئي وڃي، ماڻهن کي غلط فهمين ۾ وڌو پيو وڃي * سيرتِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي اجايو اعتراض اٿاريا پيا وڃن * ماڻهن جي ذهنن ۾ زهر ڀريو پيو وڃي * غير مسلمن جا پورا پورا ادارا قائم آهن جن جو ڪم ئي ماڻهن کي ڀٽڪائڻ آهي، مطلب ته: * دنيا جون وڏيون وڏيون طاقتون پنهنجو پئسو لڳائي رهيون آهن، طاقت جو استعمال ڪيو پيو وڃي * مسلمانن تي ظُلم ۽ ستم ڪيا پيا وڃن ۽ اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿي رهيو آهي؟ * صرف ۽ صرف ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي روڪڻ لاءِ * اسلام کي مٽائڻ لاءِ...!! پر قربان وڃجي! ذڪرِ مصطفيٰ کي روڪڻ لاءِ، اسلام کي مٽائڻ لاءِ جيتري ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اسلام اوترو ئي ڦهيلجي ٿو، هڪ رپورٽ موجب يورپ ۾ هر سال اوسطاً 1 لک ماڻهو ڪلمو پڙهي محبوبِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي غُلامي اختيار ڪن ٿا.
الله اڪبر! انهن هڪ لک ماڻهن جي مسلمان ٿيڻ جو مطلب ڄاڻو ٿا؟ هر سال ذڪرِ محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪرڻ وارين هڪ لک زبانن جو اِضافو ٿي رهيو آهي، هرسال ذڪرِ محبوب ٻڌڻ وارن 2لک ڪنن جو اضافو ٿي رهيو آهي، هرسال يادِ محبوب ۾ تڙپڻ وارن هڪ لک دلين جو اِضافو ٿي رهيو آهي
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي منهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪرِ پاڪ...!! هي آهن منهنجي آقا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا نرالا شان...!!
وَ لَلۡاٰخِرَۃُ خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾
(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
وَ لَلۡاٰخِرَۃُ خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾
(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.