Book Name:Zikr Hai Oncha Tera
ڪڏهن
ٿي هئي؟ اِعلانِ نبوت جي شروعاتي دور ۾...!!
الله! الله! مَڪَّةُ
الْمُڪَرَّمَه جي وادي (Valley) آهي، اسلام جو شروعاتي
دور (Early Period) آهي، هر طرف ڪفر ئي ڪفر پکڙيل آهي، ابوجھل،
عتبه، شيبه وغيره وڏا وڏا ڪافر، مڪي جا سردار مخالفت تي ڪمر ٻڌي بيٺا آهن، ايتري
تائين جو محبوبِ ذيشان صَلَّى الله عَلَيْهِ
وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو چاچو ابولھب به دشمنن (Enemies)
جي صف ۾ آهي، اَفرادي قُوَّت (Man Power) به انهن وٽ آهي،
اِقتدار به انهن جو آهي، مال ۽ دولت (Wealth) به ظاهري طور انهن وٽ
وڌيڪ آهي ۽ سڀ ڪافر اسلام کي دنيا جي صفحي تان مٽائڻ (Eliminate)
لاءِ سخت ڪوششون ڪري رهيا آهن، ظاهري طور ڳڻپ جا ڪجھ مسلمان آهن ۽ مقابلي تي سمورا
مڪي وارا آهن، اهڙن حالتن ۾ رَبِّ ڪائنات پنهنجي محبوبِ ذيشان
صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ
وَسَلَّم سان واعدو فرمايو:
وَ لَلۡاٰخِرَۃُ خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾
(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)
ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.
ڄڻ ته فرمايو پيو وڃي: اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي ڪافر لک ڪوششون ڪن پر توهان جي ذڪر کي مٽائي نه سگهندا، توهان جو ربِ ڪريم ڏينهون ڏينهن توهان کي ترقي (Progress) ئي عطا فرمائيندو رهندو.
مُیَسَّر کسی کو نہیں ایسی رفعت کہ جیسا ہوا پایہ بالا تمہارا([1])
اوهان تاريخ (History) پڙهي ڏسو! جيئن ربِ ڪريم واعدو فرمايو هو، بلڪل ائين ئي ٿيو، مڪي جي ڪافرن لکين ڪوششون ڪيون، تبليغِ دين کي روڪڻ لاءِ پورو زور به لڳايو، جيڪي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيندا هئا، انهن تي ظُلم ۽ ستم (Cruelty) جا پهاڙ به ٽوڙيا ويا، انهن کي عرب جي گرمي ۾، تپندڙ واريءَ تي به ليٽايو ويو، لوهه جي گرم سيخن (Rods) سان انهن جي جسمن تي داغ به ڏنا ويا، مطلب ته: ظلم جو اهو ڪهڙو انداز هو، جيڪو انهن نه اپنايو، مقصد صرف اهو ئي هو ته ذڪرِ مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (مَعَاذَ الله!) مٽجي وڃي، انهن جي چاهيندڙن جي تعداد ۾ اِضافو نه ٿئي، اسلام دنيا ۾