Zikr Hai Oncha Tera

Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

ڪمي سبب ماڻهو ان کي ڪنهن ٻئي ڪم مثلاً مسجد وغيره ۾ استعمال ڪري ڇڏيندا آهن. ائين ڪرڻ هرگز جائز ناهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله عَلَيْه فرمائن ٿا: چندي جا پيسا چندو ڏيڻ وارن جي مِلڪيت ۾ رهندا آهن. جنهن ڪم لاءِ انهن چندو ڏنو، ان ڪم ۾ استعمال نه ٿيا (مثلاً محفل ڪرائڻ کانپوءِ به بچي ويا) ته فرض آهي ته جنهن جنهن کان چندو ورتو هو، انهن کي ئي واپس ڪيا وڃن، جيڪڏهن اهي ڪنهن ٻئي نيڪ ڪم ۾ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏين ته ان ڪم ۾ استعمال ڪري سگهجن ٿا، جيڪڏهن ڏيڻ وارن جي خبر نه پوي مثلاً انهن جا نالا نه لکيا ويا هئا، نه ياد آهي ته ڪنهن ڪنهن ڏنا ها، ڪيترا ڪيترا ڏنا هئا، ان صورت ۾ ان چندي جي رقم کي ڪنهن به نيڪ ڪم (مثلاً مسجد، مدرسو وغيره) ۾ خرچ ڪري سگهجي ٿو.([1])

الله پاڪ اسان کي درست اسلامي اَحڪام سکڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

اَسمَاءُ الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

یَامُقِیْتُ

 جنهن جي اک ڳاڙهي هجي يا اکين ۾ سُور  هجي ته اهو 10ڀيرا يَامُقِيْتُ پڙهي دم ڪري([2]) (الله پاڪ صحت عطا فرمائيندو) اِنْ شَآءَ الله الْکَرِيْم!

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                          صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]... فتاویٰ رضویہ، جلد:16، صفحہ:247بتغیر قلیل۔

[2]... مدنی پنج سورہ، صفحہ:252۔