Zikr Hai Oncha Tera

Book Name:Zikr Hai Oncha Tera

 

وَ  لَلۡاٰخِرَۃُ  خَیۡرٌ لَّکَ مِنَ الۡاُوۡلٰی ؕ﴿۴﴾

(سیپارو :30، الضحیٰ: 4)      

ترجمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ تنهنجي لاءِ هر گذريل گَهڙي پهرين کان بهتر آهي.

الله! الله! هي دُنيا ۾ عطا ڪيل شان آهن، جڏهن اسان انهن شانن جي انتها تائين نٿا پهچي سگهون ته جيڪي شان کين آخرت ۾ عطا ڪيا ويندا، انهن جو اندازو ڪير لڳائي سگهي ٿو...؟

محبوب جا اُخروي شان

الله اڪبر! قيامت جي ڏينهن محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڪهڙن ڪهڙن شانن جو اِظهار ٿيندو؟ ٻڌو! * سڀ کان پهريان پاڻ سڳورا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي روضهءِ انور مان ٻاهر نڪرندا * ميدانِ محشر ۾ بُراق تي سوار ٿي  70هزار ملائڪن جي جلوس ۾ تشريف آڻيندا * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نالي جي اذان ڏني پئي ويندي * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جنتي لباس پهرايو ويندو * عرشِ اعظم جي ساڄي طرف تشريف فرما هوندا * لِواءُ الْحَمْد (يعني حمد جو جهنڊو) کين عطا ڪيو ويندو * حضرت آدم عَلَيْهِ السَّلَام ۽ سندن سمورو اولاد سندن جهنڊي (Flag) هيٺان گڏ ٿيندو * پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مقامِ محمود تي فائز فرمايو ويندو، سڀ اڳيان پويان، پنهنجا پراوا، سڀ اَهلِ محشر پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ئي تعريف ۽ ثنا (Praise) ڪري رهيا هوندا   * سڀ کان پهريان پاڻ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي ديدارِ خُدا جي سعادت حاصل ڪندا * پاڻ ئي شفاعتِ ڪُبريٰ فرمائيندا * پاڻ ئي جنت جو دروازو کولرائيندا * پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: اَنَا اَوَّلُ النَّاسِ خُرُوْجًا اِذَا بُعِثُوْا جڏهن ماڻهو اٿاريا ويندا، مان سڀ کان پهريان اٿندُس وَ اَنَا خَطِيْبُہُمْ اِذَا اَنْصَتُوا جڏهن خاموش هوندا، مان ئي انهن جو خطيب هوندُس وَ قَائِدُہُمْ اِذَا وَفَدُوْا جڏهن ماڻهو وفد بڻجي ايندا، مان انهن جو قائد (Leader) هوندُس وَ شَافِعُہُمْ اِذَا حُبِسُوْا جڏهن سڀ روڪيا ويندا، مان انهن جي شفاعت ڪرڻ وارو هوندس وَ اَنَا مُبَشِّرُہُمْ