Book Name:Waseely Ki Barkatain
پيٽ ۾ ڳوڙهو آهي، شايد اڄڪلهه جي اصطلاح ۾ ان کي ڪينسر چئي سگهجي ٿو). هن شخص جڏهن اهڙي ڳالهه ٻڌي ته تمام گهڻو پريشان ٿيو ۽ واپس هليو ويو، وڃي الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اللہ! اللہ! رَبِّیْ لَااُشْرِکُ بِہٖ اَحَدًا ! يعني الله پاڪ جي پناہه! الله پاڪ جي پناہه! هُو منهنجو رب آهي، مون ان سان ڪنهن کي شريڪ نه بڻايو. پوءِ هن اها ئي دعا گهري:
اَللّٰهُمَّ اِنِّي اَتَوَجَّهُ اِلَيْكَ بِنَبِيِّكَ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، نَبِيِّ الرَّحْمَةِ، يَا مُحَمَّد اِنِّي اَتَوَجَّهُ بِكَ اِلٰی رَبِّكَ وَرَبِّي اَنْ يَرْحَمَنِيْ مِمَّا بِيْ
اي الله پاڪ! مان تنهنجي بارگاهه ۾ تنهنجي نبي، رحمت واري نبي، حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان متوجھ ٿيو آهيان، اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان اوهان جي وسيلي سان، توهان جي ۽ پنهنجي رب جي بارگاهه ۾ متوجھ ٿيو آهيان ته جيئن هو منهنجي هن بيمار حالت تي نظرِ رحمت فرمائي.
امام ابن ابي الدنيا رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: اهو شخص هيءَ دعا گهرڻ کان پوءِ ٻيهر آيو، عبد الملڪ بن حيان ٻيهر سندس پيٽ چيڪ ڪيو ته حيرت مان چيائين: مَابِکَ عِلَّةٌ، هاڻي توکي ڪو به مرض نه آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏو نه مجرب نسخو آهي. اسان به هي نسخو اختيار ڪري سگهون ٿا، ڪا به مشڪل هجي، ڪا به پريشاني هجي، ڪا به دشواري هجي، الله پاڪ جي حضور ۾ حاضر ٿي محبوب ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وسيلو پيش ڪريو! سندن سيکاريل دعا گهرو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿيندي. هيءَ نمازِ حاجت پڙهڻ ۽ دعا گهرڻ ۾ بس هڪ ڳالهه جو خيال رکو! ته رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي یَا مُحَمَّد چئي پڪارڻ منع