Waseely Ki Barkatain

Book Name:Waseely Ki Barkatain

امت کي وسيلو پيش ڪرڻ جي تعليم به ڏني آهي. ابن ماجه شريف ۾ حديث پاڪ آهي ۽ هن حديث کي امام ترمذي به روايت ڪيو آهي، صحابئ رسول حضرت عثمان بن حُنيف رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعو هڪ نابينا صحابيرَضِیَ اللهُ عَنْہُ بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: اي پيارا محبوب          صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا فرمايو ته منهنجون اکيون (Eyes) ٺيڪ ٿي وڃن. 

  (سُبْحٰنَ اللہ!  معلوم ٿيو ته صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم جو عقيدو هو ته يقيناً دعا الله پاڪ ئي ٻڌندو آهي، سڀني جي ٻڌندو آهي، پر جهڙِي پنهنجي محبوب    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌندو آهي، تهڙِي ڪنهن جي به نه ٻڌندو آهي ...!!) 

اس کی بخشش، ان کا وسیلہ                         دیتا وہ ہے، دِلاتے یہ ہیں

خير! صحابئ رسول رَضِیَ اللهُ عَنْہُ دعا جي درخواست ڪئي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي لاءِ دعا نه فرمائي، بلڪه اسان غلامن تي ڪرم فرمائيندي دعا سيکاري ڇڏِي ته جيئن قيامت تائين سندن غلام ان دعا مان برڪتون حاصل ڪندا رهن. تنهنڪري پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: چڱيءَ طرح وضو ڪريو! پوءِ 2 رڪعتون نماز پڙهو! ان کان بعد هن طرح دعا گهرو!

اللّٰهُمَّ اِنِّي اَسْئَلُكَ، وَاَتَوَجَّهُ اِلَيْكَ بِ مُحَمَّد  نَبِيِّ الرَّحْمَةِ، يَا  مُحَمَّد  اِنِّي قَدْ تَّوَجَّهْتُ بِكَ اِلَيٰ رَبِّي فِيْ حَاجَتِيْ هَذِهٖ لِتُقْضٰى، اَللّٰهُمَّ فَشَفِّعْهُ فِيَّ

اي الله پاڪ! مان توکان سوال ڪريان ٿو ۽ تنهنجي محبوب، نبيءِ رحمت حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي وسيلي سان تنهنجي بارگاهه ۾ متوجھ ٿيان ٿو، اي محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان توهان جي وسيلي سان پنهنجي رب جي حضور ۾ متوجھ ٿيو آهيان ته جيئن منهنجي هيءَ حاجت پوري ٿئي. اي الله پاڪ! منهنجي حق ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سفارش کي قبول فرماءِ. ([1]) 


 

 



[1]... ابن ماجہ، کتاب اقامۃ الصلاۃ والسنۃ فیہا، باب ما جاء فی الصلاۃ الحاجۃ، صفحہ:224، حدیث:1385۔