Quran Kareem Ke 3 Huqooq

Book Name:Quran Kareem Ke 3 Huqooq

پر پوءِ اهو خيال آيو ته مان پنهنجي آرام لاءِ قرآن پاڪ کي ٻاهر ڇو ڪڍان؟ بس اهو سوچي ڪري مون قرآن پاڪ جي تعظيم ڪئي ۽ سڄي رات ويٺل رهيس ۽ ان طرف پير نه ڪيا، بس انهيءَ سبب الله پاڪ مون کي معاف ڪري ڇڏيو[1].

دهرائي
اَڄ اسان قرآن پاڪ جا 3 حق سکيا: (1) قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ (2) قرآن پاڪ تي عمل ڪرڻ (3) قرآن پاڪ جي تعظيم ڪرڻ.

سکڻ سيکارڻ جي  حلقن  ۾   ياد  ڪرائي  ويندڙ   دعا

سڙي پوڻ تي  پڙهڻ جي دعا

اَذْھِبِ الْبَأْسَ رَبَّ النَّاسِ اِشْفِ اَنْتَ الشَّافِیْ لَاشَافِیْ اِلَّااَنْتَ

ترجمو: اي سڀني ماڻهن جا رب! تڪليف دور فرماءِ، شفا ڏي، تون ئي شفا ڏيڻ وارو آهين، توکان سواءِ ڪو شفا ڏيڻ وارو ناهي. [2]

اجتماعي جائرو  وٺڻ  جو  طريقو  (72 نيڪ اعمال)

  يوميه 56  نيڪ اعمال

(1) سٺيون سٺيون نيتون ڪيون؟ (2) پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪيون؟
(3) هر نماز کان اڳ ۾ نماز جي دعوت ڏني؟ (4) رات جو سُورةُ المُلۡڪ پڙهي يا ٻُڌي ورتي؟ (5) هر نماز کان پوءِ آيَةُ الۡڪُرسِي، تسبيحِ فاطمہ ۽ سُورتُ الاِخۡلاص پڙهي؟ (6) ڪنزالايمان مان گهٽ ۾ گهٽ ٽي آيتون يا صراط الجنان مان ٻه صفحا پڙهي يا ٻُڌِي ورتا؟ (7) شَجري شريف جا اوراد پڙهي ورتا؟ (8) 313 ڀيرا


 

 



[1] دلیل العارفین ،مجلس:5،صفحہ:27،28۔

 [2] سنن الکبری للنسائی ،جلد:9،صفحہ:376،حدیث:10797،مدنی پنج سورہ،صفحہ:219۔