Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

  الله  پاڪ بي مثال حُسن سان نوازيو هجي، بي مثال طاقت عطا فرمائي هجي ۽ زمانو به ڪهڙو؟ اهو جنهن کي زمانهءِ جاهليت چيو وڃي ٿو، جتي فحاشي، عرياني، بي حيائي بلڪل عام هئي اهڙي زماني ۾، اهڙي بي مثال حُسن وارو شخص پنهنجي جواني پاڪيزگي سان گذاري، پوءِ 25  سالن جي عمر ۾ نڪاح به ڪري ته ڪنهن سان؟ 40  سالن جي بيوه عورت سان، پوءِ جوانيءَ  جا سمورا سال ان تي ئي گذاري ڇڏي ان مان خبر پئي ٿي ته مُحَمَّدِ مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  مَعَاذَ اللہ ! نفس جي خواهشن تي هلڻ وارا نه هئا، بلڪه سندن هر هر ڪم، هر هر ادا ربِ ڪائنات جي رضا جي تحت ٿي رهي هئي،  تنهن ڪري جيڪي اهڙن ڪمالن وارا هجن، اهي هڪ سچا نبي ئي ٿي سگهن ٿا. ([1])

تری سیرت نے لاکھوں بت پرستوں کو کیا مومن

تری صورتدوائے دردمنداں یارسولَاللہ! ([2])

     الله !  الله ! پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ آهي اسان جي آقا و مولى مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه سيرت، بي عيب سيرت، جو صدين کان پوءِ به جيڪڏهن ڪو تعصب جا پردا هٽائي سچي دل سان پاڻ ڪريم  صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پاڪيزه سيرت پڙهي ته ڪلمو پڙهڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو ته  الله  پاڪ ان ئي پاڪيزه سيرت جو قسم ارشاد فرمائي چيو:

مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)

(سيپارو: 30، الضحيٰ: 3)

ترجمو ڪنزُ العرفان: تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو ۽ نه ناپسند ڪيو

   الله  پاڪ اسان کي اهڙي پاڪيزه سيرت واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري پياري، سٺي سٺي، نرالي سيرتِ پاڪ جي پيروي ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي اڄڪلهه ماڻهو معاذ  الله ! غيرن جي نقل ڪن ٿا، غير مسلمن وارا رويا اختيار ڪن ٿا ڪاش! اسان پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ پاڪ کي، پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سنتن کي


 

 



[1]...تحفۂ معراج النبی، صفحہ:377 خلاصۃً ۔

[2]...قبالۂ بخشش،صفحہ:228۔