Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا 2  مُوءِ مبارڪ آهن سندن دل ۾ مُوءِ مبارڪ جو شوق پيدا ٿيو پوءِ پاڻ اهي مُوءِ مبارڪ خريد ڪري ورتا بس انهن ئي مُوءِ مبارڪ جي برڪت سان  الله  پاڪ کين توبه جي توفيق عطا فرمائي ۽ کيس وِلايت جو درجو به عنايت فرمايو.

داتا حضور رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: خواجه مهدي سيّاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه حضرت خواجه ابوبڪر واسطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ انهن جي خدمت ۾ رهي اهو مقام حاصل ڪيو جو وِلايت ۾ امام قرار ڏنا ويا، حضرت خواجه مهدي سَيّاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وصال جي وقت هي وصيت ڪئي هئي ته هي ٻئي مُوءِ مبارڪ منهنجي منهن ۾ رکيا وڃن پوءِ سندن وصيت تي عمل ڪيو ويو سندن مزار مبارڪ مَرُو نالي علائقي ۾ آهي ماڻهو پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار مبارڪ تي حاضر ٿيندا آهن، پنهنجون حاجتون طلب ڪندا آهن ۽  الله  پاڪ پنهنجي ولي ڪامل جي صدقي ۾ ماڻهن تي نظرِ رحمت فرمائيندو آهي. ([1])

خدمت تری  اعزاز مرا موئے مبارک           ہے حامِل درجاتِ عُلیٰ موئے مبارک

 الله  پاڪ اسان سڀني کي مُوءِ مبارڪ جون برڪتون نصيب فرمائي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اڄ به ڪيترن ئي عاشقانِ رسول وٽ مُوءِ مبارڪ تشريف فرما آهن اهي حضرات وقت بوقت انهن جي زيارت به ڪرائيندا رهندا آهن جڏهن به موقعو ملي اسان کي گهرجي ته خوب ادب ۽ احترام سان، پاڪ صاف ٿي، سٺا ڪپڙا پائي، درودِ پاڪ پڙهندي نهايت اهتمام سان مُوءِ مبارڪ جي زيارت ڪيون.

زیارت گیسوؤں کی ہے نبی کی دید کا حِصَّہ

وہ ہے خوش بخت جو دیکھے میرے سرکار کے گیسو

    الله  پاڪ! زندگي ۾ بار بار اسان کي هي سعادت نصيب فرمائي.

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... کشف المحجوب(اُردو)، صفحہ:234- 235 بتغیر قلیل ۔