Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

طاري ٿيو، مون خواب ۾ شيخ عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي ڏٺو پاڻ تشريف فرما ٿيا ۽ فرمايائون: پٽ! رسولُ  الله  صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تنهنجي عيادت (بيمار پرسي) لاءِ تشريف آڻي رهيا آهن ۽ گهڻو ڪري ان طرف کان تشريف آڻيندا جنهن طرف تنهنجي کٽ جا پاوا آهن، تنهن ڪري پنهنجي کٽ کي ڦيرائي ڇڏ ته جيئن تنهنجا پير ان طرف نه هجن فرمائن ٿا: ايترو ٻڌندي ئي مون کي آرام محسوس ٿيو ۽ منهنجي اک کلي وئي بخار جي شدت هئي، ڳالهائڻ جي طاقت نه هئي مون حاضرين کي اشاري سان ئي کٽ جو رخ ڦيرائڻ لاءِ چيو رخ ڦيرايو ويو، مون تي وري ننڊ جو غلبو طاري ٿي ويو پوءِ هاڻي خواب ۾ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا ۽ مون بيمار جي حال تي ڪرم ڪندي فرمايائون: ڪَيْفَ حَالُکَ يَا بُنَيَّ؟ پٽ!  ڪهڙو حال آهي مون جهڙي لاءِ اهڙو شفقت ڀريو ارشاد...!  الله  اڪبر! ان پاڪيزه ڪلام جي لذت مون تي اهڙي غالب ٿي جو مون کي وجد اچي ويو ۽ هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي.  پوءِ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي اهڙي طرح هنج ۾ رکيو جو سندن رِيْش (يعني ڏاڙهي مبارڪ) منهنجي مٿي تي هئي ۽ لباس مبارڪ منهنجي ڳوڙهن سان آلو ٿي رهيو هو پوءِ آهستي آهستي هي حالت سڪون ۾ بدلجي وئي ان دوران مون کي خيال آيو ته سالن کان شوق آهي ته امت جي والي صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ نصيب ٿين اڄ ڪهڙو نه ڪرم ٿئي جو مون کي منهنجا آقا   صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي دولت عطا فرمائن بس منهنجي دل ۾ خيال اچڻ جي دير هئي ته حبيبِ خُدا صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي دل جي ڳالهه ڄاڻي ورتي ۽ پنهنجي ڏاڙهي مبارڪ تي هٿ ڦيرائي 2  مُوءِ مبارڪ مون کي عطا فرمايا مون مُوءِ مبارڪ جي دولت حاصل ڪئي پر دل ۾ خيال پيدا ٿي رهيو هو ته مان خواب جي حالت ۾ آهيان، خبر ناهي جاڳڻ کان پوءِ هي وار مبارڪ مون وٽ هوندا يا نه؟ منهنجو هي خيال به چشمِ نبوت کان لڪي نه سگهيو پاڻ ڪريم صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: پٽ! هي ٻئي وار تو وٽ ئي رهندا ان کان پوءِ سرڪارِ