Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
اڄڪلهه هر گهر ۾ پريشانيون آهن، معاشي تنگيون آهن، ڀاءُ ڀاءُ جو دشمن آهي، چاچا ڀائٽيا پاڻ ۾ نه ٿا ٺهن، ماءُ پيءُ الڳ پريشان آهن، اولاد ماءُ پيءُ کان بدگمان آهي. اِهي تقريباً هر گهر جا مسئلا آهن، ڪو ڪو گهر هوندو جيڪو پريشانين کان بچيل هوندو. انهن پريشانين جو آسان حل ٻڌايان؟ اداءِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ادا ڪندي، پنهنجي گهرن ۾ عبادت جو ماحول بڻايو! * تهجد جو وقت هجي ۽ گهر ۾ چہل پہل ٿي رهي هجي، ڪو وضو ڪري رهيو آهي * ڪو مصلو وڇائي رهيو آهي * ڪو عمامو شريف سجائي رهيو آهي * ڪو تهجد جي نماز شروع ڪري چڪو آهي * ڪو تهجد پڙهي فارغ ٿي چڪو آهي، هاڻي تلاوت ڪري رهيو آهي * هڪ جي هٿ ۾ تسبيح آهي، درود پاڪ جي ڪثرت ٿي رهي آهي * اهڙي طرح نمازن جي وقت ۾ به چہل پہل هجي * جيئن ئي اذان ٿي، سڀئي ڪم ڪار ڇڏي ڏنا، سڀئي نماز جي تيارين ۾ لڳي ويا * گهر ۾ درود پاڪ پڙهڻ جي لاءِ وقت مقرر هجي، سڀئي گهر وارا گڏجي درود پاڪ پڙهن * تلاوت جو وقت مقرر هجي، سڀئي گڏجي ويهي تلاوت ڪن* نفلي روزن جا ڏينهن مقرر هجن، جيڪڏهن ٿي سگهي ته سڀئي گهر وارا مثلاً سُومَر ۽ خميس جو روزو رکن. ائين گهرن ۾ عبادت وارو، نيڪين وارو ماحول بڻائي ڇڏيو! يقين ڪريو! صرف دنيا ئي نه، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قبر به چمڪي پوندي، آخرت به سنورجي ويندي ۽ الله پاڪ به راضي ٿي ويندو.
حضرت علي بن صالح ۽ حضرت حسن بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہما ٻئي ڀائر هئا، سندن گهراڻو تلاوتِ قرآن جو تمام گهڻو شوقين هو، انهن وٽ روزانو هڪ قرآن پاڪ جو ختم ٿيندو هو، انداز اهو هو جو هي ٻئي ڀائر ۽ سندن والده گڏجي ويهي تلاوت ڪندا هئا، قرآن پاڪ جو هڪ ٽيون حصو (One Third) حضرت علي بن صالح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تلاوت ڪندا هئا، ٻيو ٽيون حصو (One Third) سندن