Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نوافل ادا ڪرڻ جو ڪهڙو معمول هو؟ پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون: حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ظهر کان پهريان 4 رڪعتون گهر ۾ ادا فرمائيندا هئا، پوءِ مسجد ڏانهن تشريف وٺي ويندا هئا، ظهر جي نماز باجماعت ادا فرمائيندا هئا، پوءِ گهر تشريف کڻي ايندا هئا ۽ ٻه رڪعتون ادا فرمائيندا هئا. ائين ئي مغرب جي نماز باجماعت ادا فرمائيندا هئا ۽ پوءِ جڏهن گهر تشريف آڻيندا هئا ته ٻه رڪعتون ادا فرمائيندا هئا، عشاء جي نماز مسجد ۾ ٿيندي هئي، ان کان پوءِ به گهر اچي ٻه رڪعتون ادا فرمائيندا هئا. ([1])
صحابيءِ رسول آهن حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْہما . پاڻ مسلمانن جي امڙ سائڻ حضرت ميمونه رَضِیَ اللهُ عَنْہا جا ڀاڻيجا آهن. پاڻ ان وقت ننڍي عمر جا هئا، فرمائن ٿا: هڪ رات مان پنهنجي ماسِي حضرت ميمونه رَضِیَ اللهُ عَنْہا جي گهر ۾ رهيس، ان رات پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عشاء جي نماز پڙهي، پوءِ گهر تشريف کڻي آيا، گهر ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 4 رڪعتون ادا فرمايون ان کان پوءِ آرام فرمايو، ڪجهه دير کان پوءِ اٿيا،([2]) چهري پاڪ تي هٿ ڦيرايائون، سورت آل عمران جي آخري 10 آيتن جي تلاوت ڪيائون، پوءِ وضو ڪري نماز پڙهڻ لڳا، مان به وضو ڪري حاضر ٿي وَيُس ۽ نماز پڙهڻ لڳس. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 2 رڪعتون، پوءِ 2 رڪعتون، پوءِ 2 رڪعتون، اهڙي طرح 2، 2 رڪعتون ڪري ڪُل 12 رڪعتون ادا فرمايون، پوءِ وتر ادا فرمايو ۽ بعد ۾ آرام فرمايو، پوءِ فجر جي اذان کان پوءِ 2 رڪعتون (يعني فجر جون سنتون) ادا فرمايائون ۽ فجر جي نماز لاءِ تشريف وٺي ويا. ([3])
سُبْحٰنَ اللہ! هي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو انداز آهي. اسان کي به گهرجي ته هن سنت تي عمل ڪريون.