Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

آهي، * قبر چمڪائيندي آهي ۽ *        جنت ۾ پهچائيندي آهي. تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسان نيڪ عمل ڪندا رهون * نفلي روزا رکندا رهون * نمازون پڙهندا رهون * تلاوت ڪندا رهون * درود پاڪ جي ڪثرت ڪندا رهون ۽ ٻيا به نيڪيءَ وارا ڪم ڪندا رهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! برڪتون ئي برڪتون نصيب ٿينديون.

امير اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  آسانيءَ سان نيڪيون ڪمائڻ جو هڪ نسخو اسان کي ڏنو آهي: نيڪ اعمال. هي مختصر کِيسي جي سائيز جيترو رسالو آهي، 72 نيڪ اعمال جي نالي سان مڪتبـ المدينه تان ملندو آهي. هي رسالو حاصل ڪريو! پاڻ وَٽِ رکو! روزانو ان جا خانا ڀريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪ ڪم ڪرڻ ۽ انهن تي استقامت حاصل ڪرڻ  نصيب ٿي ويندو.

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                                                                                  گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!

میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت                            ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی!

دے شوقِ تِلاوت دے ذوقِ عبادت               رہوں باوُضو میں سدا یاالٰہی!

ہو اَخلاق اچّھا ہو کِردار سُتھرا                                                                              مُجھے متّقی تُو بنا یاالٰہی! ([1])

گهر  ۾ عبادت ڪريو

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم    جو معمول مبارڪ هو ته فرائض، واجبات، نيڪيءَ جي دعوت وغيره جيڪي مسجد ۾ ڪندا هئا، اُهي ته ڪندا ئي هئا، ان سان گڏوگڏ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   گهر ۾ به خوب عبادت ڪندا هئا. مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان ڪنهن پڇيو: محبوبِ ذيشان، مڪي مدني


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:102 -104 ملتقطاً۔