Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

سان گڏ ڪنڊو به هوندو آهي، شمع سان گڏ دُونهون به هوندو آهي، پر پاڻ سڳورا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   رسالت جي باغ جا اهڙا گُلَ آهن جنهن ۾ ڪو به ڪنڊو نه آهي ۽ پاڻ اهڙي شمع آهن جنهن ۾ ڪو دونهون نه آهي.

(2):  هر هڪ نيڪي برڪت واري آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي هن واقعي تي هڪ ٻئي پهلوءَ سان غور فرمايو! اڳ ۾ ٿورو ماحول تي نظر وجهو! مڪو پاڪ آهي، پنهنجن سڳن رشتيدارن کان وٺي غيرن تائين سڀ دشمن آهن، اسلام جي مخالفت تي سَندِرو ٻَڌي بيٺل آهن، اسلام ۽ مسلمانن کي مٽائڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، ظلم ۽ ستم جا جبل ٽوڙيا پيا وڃن، معاذ الله! پياري آقا، مدني آقا، مڪي آقا، محبوب آقا، اسان بيڪسن جي داتا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي شان ۾ گستاخي ڪئي پئي وڃي، پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي تڪليفون پهچايون پيون وڃن. هڪ ٻن کان علاوه سڀئي دشمن آهن. ايترو سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود حضور  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   رات جي تنهائيءَ ۾ انهن سڀني مشڪلاتن کان توجهه هٽائي، پنهنجي رب جي حضور حاضر ٿي رهيا آهن ۽ گهر مبارڪ ۾ سڄي سڄي رات قرآن جي تلاوت فرمائي رهيا آهن.

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي اسان جي پياري آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جو...!! ٻئي طرف اسان پنهنجو حال ڏسون؛ اسان جيڪڏهن تلاوت ڪريون، نمازون پڙهون، نيڪ ڪم ڪريون ته اسان جي مخالفت نه ڪئي ويندي آهي، اسان جي ته تعريف ڪئي ويندي آهي، ماڻهو نيڪوڪار سمجهي عزت ڏيندا آهن، دعائن جي لاءِ چوندا آهن، ان جي باوجود اسان نيڪين جي طرف نه ايندا آهيون، اسان تلاوت نه ڪندا آهيون، الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. اخلاص جي، نيڪي توفي عطا فرمائي. نيڪي الله پاڪ جو قرب ڏياريندي آهي، *دل کي پاڪ ڪندي آهي، *نيڪين جي برڪت سان مشڪلاتون دور ٿي وينديون آهن، * آفتون پري ٿينديون آهن، *نيڪي نزع جي وقت آساني ڏياريندي