Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ڏانهن مائل ٿيڻ کان سواءِ رهي به نه سگهيو، راتين جو لڪي لڪي زبانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   مان ڪلامِ خدا  ٻڌڻ ويندو هو.

کہوں کیا حُسنِ خُلقِ سرورِ دیں                                                                                     سزائے حمد ہے شایانِ تحسیں

وہ حُسنِ خُلق میں کیا ہی حسیں تھے                                                                کہ فخرِ اوّلیں و آخریں تھے

هن مان معلوم ٿيو ته مڪي جا ڪافر جيڪي ڪلمو نه پڙهندا هئا، اهو سندن پنهنجي باطني خباثت جي ڪري هو، نه ته پياري محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي ذات پاڪ ۾ نقص جو ڪروڙهون حصو به اهي ڳولهي نه سگهيا هئا. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

لَا یُکَذِّبُوۡنَکَ وَ لٰکِنَّ الظّٰلِمِیۡنَ  بِاٰیٰتِ  اللّٰہِ  یَجۡحَدُوۡنَ )۳۳(

(پارو: 7، سورة انعام: 33)

ترجموڪنز العرفان: هِي توهان کي نه جهُٽلائيندا آهن، پر ظالم الله جي آيتن جو انڪار ڪندا آهن.

معلوم ٿيو ته الله پاڪ پنهنجي محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي ايترو ته باڪمال ۽ بي مثال بڻايو آهي جو اڄ ڏينهن تائين ڪو به غير مسلم پاڻ  سڳورن       صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي ذات کي جهُٽلائڻ جي همت نه ڪري سگهيو آهي. چاهي اهي اهلِ ڪتاب هجن يا مڪي جا مشرڪ، سڀئي چڱيءَ ريت ڄاڻندا هئا ته محمد  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کان وڌيڪ سچو هن دنيا ۾ ٻيو ڪو به نه آهي. ها پر! اُهي ڪلمو نه پڙهندا هئا، ڇو ته سندن دلين تي مُهر لڳي چڪي هئي.

اعليٰ حضرت  رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  لکن ٿا:

وہ کمالِ حُسْنِ حُضُور ہے کہ گمانِ نقص جہاں نہیں

وہی پُھول خار سے دُور ہے، یہی شمع ہے کہ دُھواں نہیں([1])

وضاحت: يعني پياري آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي حُسن ۽ جمال جو ڪمال هي آهي ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي هجڻ ته پري جي ڳالهه آهي، ڪنهن گهٽتائي جو گمان به نه آهي. ٻئي مصرعي جو مطلب آهي ته عام طور تي گل


 

 



[1]... حدائقِ بخشش، صفحہ:107۔