Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

ابو سفيان قرآن مجيد جي تعريف ڪئي. ان کان پوءِ اَخنس بن شريق ابوجهل وٽ آيو، کانئس پڇيائين: ابوجهل ...!! ٻڌاءِ! جيڪو ڪلام ٽي راتيون لڳاتار ٻڌو اٿئي، ان بابت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟ ابوجهل بدبخت هو، سندس دل تي پردو پيل هو، چوڻ لڳو: (ان ڪلام جي ڳالهه ڇڏ ...!! معاملو هي آهي ته) محمد  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   قبيلي عبد مناف مان آهن. مان سندن ڪلمو نه ٿو پڙهي سگهان. ([1]) ان موقعي تي هيءَ آيت ڪريمه نازل ٿي، الله پاڪ فرمايو: ([2])

وَ مِنۡہُمۡ مَّنۡ یَّسۡتَمِعُوۡنَ اِلَیۡکَ ؕ اَفَاَنۡتَ تُسۡمِعُ الصُّمَّ وَ لَوۡ کَانُوۡا لَا یَعۡقِلُوۡنَ ﴿۴۲﴾

(پارو: 11، يونس: 42)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ انهن ۾ ڪجهه اهي آهن جيڪي تنهنجي طرف ڪن لڳائن ٿا پوءِ ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائيندين؟ جيتوڻيڪ اهي سمجهندا نه هجن.

يعني انهن مشرڪن مان ڪي اهڙا آهن جيڪي پنهنجن ظاهري ڪنن سان ٻڌڻ جي لاءِ جهڪندا آهن ۽ پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کان قرآن ڪريم ٻڌندا آهن، پر پاڻ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   سان شديد بغض ۽ عداوت جي ڪري اهو ٻڌڻ کين ڪو فائدو نه ڏيندو آهي. ([3])

پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان اسان کي سيرتِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي متعلق ٻه ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون:

(1):  هي توهان کي جهُٽلائيندا نه آهن

پهريان هن ڳالهه تي غور ڪريو ته! اسان جي پياري پياري، آخري نبي، رسول هاشمي  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي سيرت پاڪ ڪيڏي نه پاڪيزه، ڪيڏي نه حسين ۽ ڪيڏي نه خوبصورت آهي جو ابوجهل جهڙو بدبخت ڪافر، جنهن پنهنجي بدبختي، سياھ دلي ۽ بغض جي ڪري جيتوڻيڪ ڪلمو نه پڙهيو، پر!


 

 



[1]... سیرت ابن ہشام، قصۃ استماع قریش ...الخ، جز:1، جلد:1، صفحہ:201-202ملخصاً ۔

[2]... الروض الانف، الذین استمعوا الی قراءۃ النبی صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم، جلد:2، صفحہ:95 مفہوماً ۔

[3]... صراط الجنان، پارہ:11، سورۂ یونس، زیرِ آیت:42، جلد:4، صفحہ:325-326۔