Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

هي چارئي غير مسلم ان تلاوت کي ٻڌڻ ويٺا، خدا جي ڪلام ۽ مصطفيٰ جي زبان جي چاشني ۾ اهڙا ته گم ٿي ويا، جو کين آسپاس جي به خبر نه رهي، تلاوت ٻڌندا رهيا، ٻڌندا رهيا، رات ڪڏهن گذري وئي، ان جو کين احساس ئي نه ٿيو. صبح جو جڏهن رسول اڪرم، نور مجسم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   تلاوت ختم فرمائي، تڏهن کين هوش آيو ته اڙي ...!! هِي ته سڄي رات ئي گذري وئي.

هاڻي چارئي اٿيا ۽ پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا! رستي ۾ چئني جي پاڻ ۾ ملاقات ٿي وئي. سڀئي سمجهي ويا ته هيءَ پُرسوز تلاوت ٻڌڻ وارو صرف مان اڪيلو نه هئس، هِي ٽئي به موجود هئا. جيئن ته هڪ ٻئي کان واعدو ورتائون ته اڳتي محمد  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي تلاوت نه ٻڌنداسين.

ڏينهن گذري ويو، رات شروع ٿي وئي، هنن کان رهيو نه ٿيو، هڪ دفعو ٻيهر چارئي لڪندا لڪندا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم    جي گهر مبارڪ جي ويجهو پهچي ويا. اڄ به پيارا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   بلند آواز سان تلاوت فرمائي رهيا هئا. اڄ به هي چارئي لڪي ويهي رهيا، خدا جو ڪلام مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي زباني ٻڌڻ ۾ اهڙا ته مدہوش ٿي ويا جو اڄ به سڄي رات گذري وئي، فجر ڪڏهن ٿيو، اها کين خبر ئي نه پئي. وريِ چارئي اٿيا، پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن هليا، ٻيهر رستي ۾ هڪ ٻئي سان ملاقات ٿي وئي. اڄ به پاڻ ۾ واعدو ڪيائون ته اڳتي نه اينداسين.

هي ڏينهن به گذري ويو. اڄوڪِي رات به نه رهي سگهيا. ٽِيهَر چارئي ڄڻا لڪندا لڪندا پهچي ويا. ٽين رات به قرآن ڪريم جي تلاوت ٻڌندي گذري وئي.

اللہُ اکبر! اِها تلاوت پٿر ٻڌن ها ته پگھرجي وڃن ها، پر افسوس ...!! هي غير مسلمن جون دليون هيون، انهن جي مٿان ايتري ته ڪاراڻ چڙهيل هئي جو لهڻ جو نالو ئي نه پئي ورتائين. ٽي راتيون لڳاتار مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي زبان مان خدا جو ڪلام ٻڌندا رهيا. چوٿين ڏينهن اَخنس بن شَريق پنهنجي گهران  نڪتو ۽ سِڌو ابوسفيان وٽ آيو، چيائين: اي ابوسفيان...!! ٽي راتيون تلاوت ٻڌندو رهيو آهين، هن ڪلام بابت پنهنجي راءِ ڏي...!!