Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                           جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

واعدي جي پابندي ڪرڻ سنت آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  : (1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔ (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223) (2): جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ انبياء آهي۔ * اسان جا آقا  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته اهو ڏسي حيران رهجي ويو ته رسول اڪرم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت و رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ان کي ڌڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو. ([1]) الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدا پُورا ڪرڻ وارو بڻائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم۔ 

         مختلف سُنّتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد:3 مان حِصّو 16 ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت مولانا الياس قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91 صفحن جو رسالو 550 سُنّتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سُنّتون سکڻ جو


 

 



[1]...اَبُو داؤد، کتاب ادب، باب فی العدۃ، صفحہ:781، حدیث:4996۔