Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
پاڪ جي رضا ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ هي رسالو ٻين کي به شيئر(Share) ڪريو! مڪتبـﺔ المدينه پيش ڪري رهيو آهي پنهنجي موضوع جي لحاظ کان انتھائي اهم ۽ معلوماتي ڪتاب: وقف جا شرعي مسئلا. جنهن ۾ توهان ڄاڻي سگهندﺆ * وقف ڇا آهي * ڪهڙي شيءِ وقف ڪرڻ افضل آهي * ڪهڙي شيءِ وقف ٿي سگهي ٿي ۽ ڪهڙي شيءِ وقف نه ٿي ٿي سگهي؟ * ۽ وقف جي متعلق ٻيا شرعي احڪام. هي ڪتاب مڪتبـﺔ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 350 رپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو، پاڻ به مطالعو ڪريو! ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم! 21 سيپٽمبر 2025، آچر ڏينهن، رات جو تقريبن 9 وڳي فيضانِ مدينه ڪراچي ۾ "محفلِ بغداد" ٿيندي. هي پاڪ محفل مدني چينل تي لائيو ڏيکاري ويندي.اميرِ اهلسنّت، مولانا محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه پڻ هن پاڪ محفل ۾ تشريف فرما ٿيندا.سڀني عاشقانِ غوثِ اعظم کي عرض آهي ته هن پاڪ محفل ۾ شرڪت فرمائن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])