Book Name:Gharelu Zindagi Ki Sunnatain aur Adaab
اڄڪلهه هر گهر ۾ لڙائي، جهڳڙا ۽ پريشانيون عام آهن، ان جو بهترين حل هي آهي ته گهر ۾ درس ڏيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * گهر ۾ ديني ماحول پيدا ٿيندو * گهر وارا ديني ڳالهيون سکندا ته نيڪ عمل ڪرڻ جو ذهن بڻجندو * ننڍا باادب ۽ وڏا شفيق ٿي ويندا * غيبت، چغلي ۽ ان جهڙن ڪيترن ئي گناهن کان بچڻ جي سوچ ملندي * عشقِ رسول، فڪرِ آخرت ۽ خوفِ خدا نصيب ٿيندو * عقيدن ۽ عملن جي اصلاح ٿيندي ۽ * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گهر ۾ سڪون پيدا ٿيندو * الله پاڪ جون رحمتون به نازل ٿينديون * ۽ الله پاڪ چاهيو ته سموري گهر جو ڀَلو ٿي ويندو.
واقعو: هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته: سندن گهر ۾ بدعملي ۽ بدعقيدگيءَ جا ديرا هئا، پوءِ هنن گهر ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيو، الحمدلله! 7 منٽن جو درس استقامت سان ڏيڻ جي برڪت اها ٿي جو سڀئي گهر وارا نيڪ نمازي ۽ عاشق رسول ٿي ويا.
توهان به پنهنجي گهر ۾ درس ڏيندا ڪريو! اِهو ڪو مشڪل ڪم نه آهي، شيخ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جا لکيل ڪتاب تمام آسان هوندا آهن، ڪو به ڪتاب مثلاً فيضانِ سنت خريد ڪريو! چاهيو ته دعوت اسلامي جي ويب سائيٽ www.dawateislami.net تان ڊائونلوڊ ڪريو! ڀَلِي موبائل ۾ ئي رکي ڇڏيو! روزانو صرف 7 منٽ جيڪو لکيل آهي، اهو پڙهي ٻڌايو! سنجيدگي ۽ استقامت سان درس ڏيندا رهندﺆ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! خوب بهارون ڏسڻ ۾ اينديون.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اَلْقُرْآنُ الْکَرِیم موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجي جو دور آهي. الحمد لله! عاشقان رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي به علم دين جو